اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي هدايتون جاري ڪيون آهن ته سومر جي رات ۽ پهرين سيپٽمبر دوران وچولي کان تيز برسات سبب دير، سوات، ڪوهستان، بٽگرام، بونير، ايبٽ آباد، مانسهره، هري پور، مري، گليات، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جو خدشو آهي، تيز برسات سبب مردان، صوابي، پشاور، اسلام آباد/ راولپنڊي، گوجرانوالا ۽ گجرات جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ شهري ٻوڏ (اربن فلڊنگ) جو …
موسميات کاتي پاران هدايتون جاري، برسات سبب دير، سوات، ڪوهستان، بٽگرام، بونير، ايبٽ آباد، مانسهره، هري پور، مري، گليات، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جو خدشو

مزید خبریں
اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي هدايتون جاري ڪيون آهن ته سومر جي رات ۽ پهرين سيپٽمبر دوران وچولي کان تيز برسات سبب دير، سوات، ڪوهستان، بٽگرام، بونير، ايبٽ آباد، مانسهره، هري پور، مري، گليات، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جو خدشو آهي، تيز برسات سبب مردان، صوابي، پشاور، اسلام آباد/ راولپنڊي، گوجرانوالا ۽ گجرات جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ شهري ٻوڏ (اربن فلڊنگ) جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق گهميل هوائون ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن طرف وڌي رهيون آهن. اولهه وارين هوائن جو سلسلو ملڪ جي اترئين علائقن تي موجود آهي. اڄ اڱاري ڏينهن مٿانهين خيبر پختونخوا، پوٽوهار خطي، اسلام آباد، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ڀرپاسي وارن جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به ٿي سگهي ٿي. ملڪ جي ٻين ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي، جڏهن ته اسلام آباد، پوٽوهار خطي، ڪشمير ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد دالبندين، نوڪنڊي 43 ۽ دادو ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











