ڪراچي - 31 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. اجلاس کان اڳ حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن الڳ الڳ پارلياماني اجلاس منعقد ڪري هلندڙ اجلاس بابت حڪمت عملي تي غور ڪيو. اجلاس ۾ سينيئر پارليامينٽرين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي پاران جمعي ڏينهن واري اجلاس ۾ سنڌ جي ورهاست خلاف پيش ڪيل …
سنڌ اسيمبلي 1948ع، 2000ع، 2014ع، 2019ع ۽ 2026ع ۾ سنڌ جي ورهاست خلاف ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آهي، جيڪڏهن ڪنهن ۾ همت آهي ته سنڌ جي ورهاست جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ آڻي ڏيکاري: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي – 31 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر ڏينهن اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. اجلاس کان اڳ حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن الڳ الڳ پارلياماني اجلاس منعقد ڪري هلندڙ اجلاس بابت حڪمت عملي تي غور ڪيو. اجلاس ۾ سينيئر پارليامينٽرين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي پاران جمعي ڏينهن واري اجلاس ۾ سنڌ جي ورهاست خلاف پيش ڪيل التوا واري رٿ تي بحث جي شروعات دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي ورهاست جو فيصلو لاهور جا ڪي واپاري نٿا ڪري سگهن، صوبي جي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ جو اختيار صرف سنڌ اسيمبلي ۽ عوام جي چونڊيل نمائندن وٽ آهي، سنڌ ڪڏهن به ورهائجي نه سگهندي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي 1948ع، 2000ع، 2014ع، 2019ع ۽ 2026ع ۾ سنڌ جي ورهاست خلاف ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ۾ همت آهي ته سنڌ جي ورهاست جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ آڻي ڏيکاري. هن چيو ته جيستائين اسان مان هڪ به ميمبر زنده آهي، سنڌ کي ورهائڻ نه ڏنو ويندو. صوبي جي مستقبل بابت فيصلو سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيندو ۽ ان معاملي تي بحث جي اصل جاءِ به سنڌ اسيمبلي ئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته ڪو به ٽي وي چينل، جلسي يا سيمينار ۾ ويهي سنڌ جي ورهاست جو فيصلو نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته سنڌ اسيمبلي سنڌ جي ورهاست خلاف ٻيهر ٺهراءُ منظور ڪندي. وڏي وزير چيو ته سنڌ صدين کان قائم آهي ۽ سنڌ جي عوام ان جي وحدت کي برقرار رکيو آهي. آئين موجب رياست جا اختيار عوام جي چونڊيل نمائندن ذريعي استعمال ٿيندا آهن، تنهنڪري سنڌ جي ورهاست بابت اٿندڙ سمورن سوالن ۽ آوازن جو جواب سنڌ اسيمبلي ڏيندي. هن چيو ته سنڌ جي ورهاست واري معاملي تي ٻنهي پاسن جا موقف اسيمبلي ۾ ٻڌا وڃڻ گهرجن ۽ بحث کي منطقي ۽ درست نتيجي تائين پهچايو ويندو. ان موقعي تي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو ته ميمبرن کي جيترو بحث ڪرڻو آهي، ڪن پر سنڌ هميشه هڪ رهندي. ان کانپوءِ اسپيڪر اسيمبلي جو معمول جو ڪاروبار معطل ڪري التوا واري رٿ تي بحث شروع ڪرايو. التوا واري رٿ پيش ڪندڙ نثار احمد کهڙي چيو ته سنڌ جي ورهاست بابت ٻاهر ٿيندڙ تقريرن ۽ بيانن جي روشني ۾ اها رٿ پيش ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام پنهنجو واضح ردعمل ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته ڪير ڌرتي ماءُ جا ٽڪرا ڪرڻ چاهي ٿو. نثار کهڙي چيو ته اسان سنڌ کي پاڪستان جي ماءُ جو درجو ڏيون ٿا. هن چيو ته تازو وفاقي سطح تي نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت آواز اٿيا آهن ۽ اسلام آباد ۾ واپارين جي هڪ ڪانفرنس دوران به ان معاملي تي بحث ڪيو ويو، جيڪو حيران ڪندڙ آهي. هن چيو ته سنڌ هڪ قديم تهذيب ۽ تاريخ رکندڙ خطو آهي ۽ سنڌ جي اجرڪ پنج هزار سال پراڻي تهذيبي سڃاڻپ جي علامت آهي. هن چيو ته سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي کان آزادي پاڪستان جي قيام لاءِ اهم سنگ ميل هئي ۽ سنڌ اسيمبلي مان ئي پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو. نثار کهڙي چيو ته پاڪستان جي قيام کانپوءِ به سنڌ جي وحدت کي مختلف وقتن تي چئلينج ڪيو ويو ۽ ون يونٽ جي صورت ۾ صوبن جي حيثيت ختم ڪئي وئي. هن چيو ته سنڌ کي ٻيهر ورهائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجا سياسي اختلاف لڪائڻ لاءِ سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان معاملي ۾ پاڪ فوج جو نالو پڻ استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي جو تحفظ ضروري آهي. نثار کهڙي چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل آهي ۽ سنڌ جي مستقبل بابت فيصلو آئين ۽ پارلياماني طريقيڪار تحت ئي ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ هڪ آهي ۽ هميشه هڪ رهندي.












