ڪراچي- 31 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي ٽياڪڙي عدالت جي تازي فيصلي کي پاڪستان جي هڪ تمام وڏي قانوني ۽ سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ خاص بيان ۾ هن چيو ته عالمي عدالت پاڪستان جي اصولي موقف کي مڃيندي اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڀارت هڪ طرفه طور سنڌ طاس معاهدي ۾ ڪا به ڦيرڦار يا تبديلي نٿو ڪري …
عالمي ٽياڪڙي عدالت جو تازو فيصلو پاڪستان جي تمام وڏي قانوني ۽ سفارتي ڪاميابي آهي: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي- 31 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي ٽياڪڙي عدالت جي تازي فيصلي کي پاڪستان جي هڪ تمام وڏي قانوني ۽ سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ خاص بيان ۾ هن چيو ته عالمي عدالت پاڪستان جي اصولي موقف کي مڃيندي اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڀارت هڪ طرفه طور سنڌ طاس معاهدي ۾ ڪا به ڦيرڦار يا تبديلي نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ان تان هٿ کڻي سگهي ٿو. اهو معاهدو ٻنهي ملڪن تي هڪجهڙو لازم آهي. وڏي وزير چيو ته مودي سرڪار پاران معاهدي کي بي اثر ڪرڻ ۽ خودمختاري جي نالي تي عالمي عدالت ۾ ڏنل ڀارتي دليل ناڪام ويا آهن. عالمي عدالت رتلي پن بجلي منصوبي تي پاڪستان جي عبوري اعتراضن جي تائيد ڪندي، ان جي مخصوص تڪراري اڏاوتن تي پابنديون لڳايون آهن، جيڪا عالمي قانونن ۽ عالمي معاهدن جي پاسداري جي وڏي ڪاميابي آهي. ان فيصلي سان ڀارتي هٺ ڌرمي کي عالمي سطح تي سخت قانوني ڌڪ لڳو آهي ۽ پاڪستان جو موقف وڌيڪ سگهارو ٿي سامهون آيو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي عوام جي پاڻي جي حقن جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ پاڪستان پنهنجن درياهن تي ڪا به غيرقانوني اڏاوت يا پاڻي جي چوري ڪڏهن به برداشت نه ڪندو. هن عالمي برادري تي به زور ڀريو ته اها ڀارت کي ان تاريخي معاهدي جي مڪمل پاسداري جو پابند بڻائي.











