بشڪيڪ - 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيايوف صنعت، زراعت، دواسازي، ٽيڪسٽائيل، کاڻين جي کوٽائي، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي، تعليم، ثقافت، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي جڏهن ته وزيراعظم ازبڪستان سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيايوف سان ملاقات، مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
بشڪيڪ – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيايوف صنعت، زراعت، دواسازي، ٽيڪسٽائيل، کاڻين جي کوٽائي، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي، تعليم، ثقافت، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي جڏهن ته وزيراعظم ازبڪستان سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي بهترين سياسي لاڳاپن کي عوام جي لاءِ ٺوس معاشي فائدن ۾ تبديل ڪيو ويندو. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيايوف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم صدر شوڪت مرزيايوف ۽ ڀائر ملڪ ازبڪستان جي عوام کي ازبڪستان جي آزادي جي 35هين سالگرهه تي دلي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم فيبروري 2026ع ۾ صدر مرزيايوف جي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان دوري ۽ اعلى سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي پهرين اجلاس پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي نئين رفتار فراهم ڪئي آهي. وزيراعظم قيادت جي سطح تي ڪيل فيصلن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، علائقائي رابطن ۽ اقتصادي تعاون بابت فيصلن تي وقت سر عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. هن 2029ع تائين ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 2 ارب آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ جي گڏيل هدف جو ورجاءُ ڪندي توسيع ٿيل ترجيحي واپاري معاهدي تي موثر عملدرآمد، ڪاروباري سطح تي رابطن ۾ اضافي ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل گڏيل منصوبن جي فروغ جي اهميت جو ذڪر ڪيو. علائقائي رابطن کي گڏيل اسٽريٽجڪ ترجيح قرار ڏيندي وزيراعظم ازبڪستان، افغانستان، پاڪستان ريلوي منصوبي جي اهميت اجاگر ڪئي جيڪو وچ ۽ ڏکڻ ايشيا کي گڏيل طور تي ڳنڍڻ ۽ ازبڪستان کي پاڪستان جي بندرگاهن تائين پهچ فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن گڏيل فزيبلٽي اسٽڊي تي جلد اڳڀرائي ۽ اڳ کان موجود ٽرانسپورٽ ۽ لنگهن جي وڌ کان وڌ استعمال تي زور ڏنو. وزيراعظم ازبڪ واپار جي لاءِ پاڪستان جي بندرگاهن ۽ ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر جي ذريعي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن صنعت، زراعت، دواسازي، ٽيڪسٽائيل، کاڻين جي کوٽائي، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي، تعليم، ثقافت، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم فضائي رابطن ۾ اضافي خاص طور تي تاشقند – ڪراچي سڌوسنئون اڏامن جي حوالي سان اڳڀرائي جي پڻ حمايت ڪئي. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي ايندڙ پاڪستان جي صدارت جي لاءِ ازبڪستان جي حمايت کي ساراهيو ۽ علائقائي سلامتي، رابطن، واپار ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ ازبڪستان سان ويجهو تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) ۽ ٻين گهڻ رخي فورمز ۾ پڻ مسلسل تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ازبڪستان سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي بهترين سياسي لاڳاپن کي عوام جي لاءِ ٺوس معاشي فائدن ۾ تبديل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.











