اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه، اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن، دفاع وارن وزيرن ۽ دفاعي فوج جي سربراهن/ چيفس آف جنرل اسٽاف 31 آگسٽ تي استنبول ۾ گڏيل دفاع بابت مڪه معاهدي تحت قائم اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ٽنهي ملڪن علائقائي ذميوارين جي جذبي تحت مڪه معاهدي جي فريم ورڪ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ خطي …
ترڪيه، اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن، دفاع وارن وزيرن ۽ دفاعي فوج جي سربراهن/ چيفس آف جنرل اسٽاف استنبول ۾ گڏيل دفاع بابت مڪه معاهدي تحت قائم اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه، اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن، دفاع وارن وزيرن ۽ دفاعي فوج جي سربراهن/ چيفس آف جنرل اسٽاف 31 آگسٽ تي استنبول ۾ گڏيل دفاع بابت مڪه معاهدي تحت قائم اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ٽنهي ملڪن علائقائي ذميوارين جي جذبي تحت مڪه معاهدي جي فريم ورڪ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان مقصد جي لاءِ ٽئي ملڪ بحرانن جي پرامن حل جي حوصلا افزائي جي لاءِ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ تحمل تي ٻڌل ڪوششن جي حمايت جاري رکندا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته مڪه معاهدي تحت گڏيل تعاون کي وڌيڪ اداراجاتي شڪل ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا ته جيئن گڏيل يڪجهتي کي فروغ، دفاع جي ساک ۽ موثريت کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار امن جي لاءِ علائقائي ڪوششن ۽ گڏيل سلامتي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهجي. ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سعودي عرب ۾ هڪ سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويندو جنهن جي سربراهي سيڪريٽري جنرل ڪندو. شروعاتي طور تي سيڪريٽريٽ جي سيڪريٽري جنرل جو تعلق اسلامي جمهوريه پاڪستان سان هوندو ۽ هو ٽن سالن جي مدي لاءِ ان ذميواري تي فائز هوندو. گڏيل سرگرمين جي ذريعي ٽئي ملڪ پنهنجي دفاعي صلاحيتن ۽ هٿياربند فوج جي گڏيل تعاون ۽ يڪجهتي کي پڻ مضبوط بڻائيندا. ان مقصد جي لاءِ مضبوط دفاعي صنعتي تعاون، گڏيل ٽيڪنالاجي جي تياري ۽ دفاعي مصنوعات جي گڏيل پيداوار تي ڪم ڪيو ويندو. مڪه معاهدي تي اداراجاتي ۽ پرعزم انداز ۾ عملدرآمد جي ذريعي ٽئي ملڪ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا.











