اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ وزيراعظم پاڪستان جي آگسٽ 2025ع جي چين جي دوري دوران طئي ٿيل 2025ع کان 2029ع جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي هڪ سال جي پڄاڻي تي تفصيلي جائزي بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان چين جي تعاون سان …
چين پاڪستان تعاون جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو هڪ سال مڪمل، رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جو اڳڀرائي جي جائزه اجلاس کي خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ وزيراعظم پاڪستان جي آگسٽ 2025ع جي چين جي دوري دوران طئي ٿيل 2025ع کان 2029ع جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي هڪ سال جي پڄاڻي تي تفصيلي جائزي بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان چين جي تعاون سان مختلف شعبن جي صلاحيت وڌائن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته چين سان گڏجي پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي جي صلاحيت وڌائي پئي وڃي، جڏهن ته نوجوان نسل کي جديد هنر سان تيار ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. احسن اقبال چيو ته نوجوان نسل پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن، ان لاءِ نوجوانن کي جديد ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن سان هم آهنگ هنرن جي تربيت يقيني بڻائي ويندي، چين جي تعاون سان تعليم، آءِ ٽي، زراعت، ماحوليات ۽ ٻين شعبن ۾ انساني وسيلن جي سگهه وڌائڻ تي به خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. وفاقي وزير ٻڌايو ته هڪ هزار پاڪستاني شاگردن کي زرعي تربيت لاءِ چين موڪليو ويو آهي. هن زرعي شعبي ۾ جديد تحقيق، ٽيڪنالاجي ۽ تربيت لاءِ چين جي تعاون تي ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان زرعي پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ جديد چيني تجربن مان فائدو کڻي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. ان لاءِ چين جي تعاون سان گرين پاڪستان جا مختلف منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن، ماحولياتي تحفظ، موسمياتي لچڪ ۽ پائيدار ترقي لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي، احسن اقبال اڏام پاڪستان پروگرام جو ذڪر ڪندي چيو ته هي پروگرام ملڪي معيشت لاءِ انتهائي مفيد ثابت ٿي رهيو آهي. هن چيو ته معاشي استحڪام لاءِ پاڪستان کي پنهنجي روانگي واپار ۾ نمايان واڌ ڪرڻي پوندي ۽ ملڪي شين کي عالمي مارڪيٽن ۾ چٽاڀيٽي جي قابل بڻائڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ”ميڊ ان پاڪستان“ کي عالمي سطح تي هڪ مضبوط سڃاڻپ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته چين پاڪستان اقتصادي تعاون کي صنعتي ترقي، روانگي واپار، زراعت، آءِ ٽي ۽ نوجوانن جي تربيت سميت ماحول دوست ترقي سان وڌيڪ مربوط ڪيو ويندو. اجلاس ۾ 2025ع کان 2029ع جي ايڪشن پلان تحت مختلف شعبن ۾ ٿيل اڳڀرائي، ايندڙ هدفن ۽ منصوبن تي عملدرآمد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي حوالي سان به تفصيلي غور ڪيو ويو.











