اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، سعودي عرب جي دوري جي دوران عالمي ٽيڪ ايونٽ ليپ 2026ع ۾ شرڪت ڪندي. سومر ڏينهن آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت مان جاري بيان مطابق پنهنجي دوري جي دوران وفاقي وزير افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ۽ اهم خطاب ڪندي، هو ليپ 2026ع ۾ پاڪستاني پويلين جو باقاعده افتتاح ڪندي. دوري جي دوران …
وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سعودي عرب جي دوري دوران عالمي ٽيڪ ايونٽ ليپ 2026ع ۾ شرڪت ڪندي

مزید خبریں
اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، سعودي عرب جي دوري جي دوران عالمي ٽيڪ ايونٽ ليپ 2026ع ۾ شرڪت ڪندي. سومر ڏينهن آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت مان جاري بيان مطابق پنهنجي دوري جي دوران وفاقي وزير افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ۽ اهم خطاب ڪندي، هو ليپ 2026ع ۾ پاڪستاني پويلين جو باقاعده افتتاح ڪندي. دوري جي دوران پاڪستان ڪمپيوٽ ڪنسورشيم سان لاڳاپيل اهم اجلاس منعقد ٿيندو. وفاقي وزير ليپ 2026ع ۾ قائم پاڪستاني ۽ ايم سي آءِ ٽي جي پويلينز ۽ اسٽالز جو دورو ڪندي. دوري دوران سعودي ڊجيٽل گورنمنٽ اٿارٽي جي گورنر سان اهم ترين ٻطرفي ملاقات به طئي آهي. ان کانسواءِ وفاقي وزير دوري دوران ٻين اهم شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندي.











