پاڪستان اسٽاڪ ايڪچسينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 720.83 پوائنٽس جي گهٽتائي

اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 720.83 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 176975.67 پوائنٽس تي بند ٿيو. ريڊي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري ڳاڻيٽو 937.269 ملين شيئرز رهيو، جڏهن ته ڪاروباري ماليت 31.454 ارب رپين کان وڌي 39.134 ارب رپيا ٿي وئي، جڏهن ته مارڪيٽ جي مجموعي سيڙپڪاري 19.885 ٽريلين رپين کان گهٽجي 19.830 …

اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 720.83 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 176975.67 پوائنٽس تي بند ٿيو. ريڊي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري ڳاڻيٽو 937.269 ملين شيئرز رهيو، جڏهن ته ڪاروباري ماليت 31.454 ارب رپين کان وڌي 39.134 ارب رپيا ٿي وئي، جڏهن ته مارڪيٽ جي مجموعي سيڙپڪاري 19.885 ٽريلين رپين کان گهٽجي 19.830 ٽريلين رپيا رهجي وئي. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 169 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 302 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 98 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتون مستحڪم رهيون. ڳاڻيٽي جي لحاظ سان سينر جيڪو پي ڪي 293.181 ملين شيئرز سان سرفهرست رهيو، جڏهن ته ويز هوم 71.228 ملين شيئرز سان ٻي ۽ بئنڪ آف پنجاب 52.290 ملين شيئرز سان ٽئين نمبر تي رهيو. نمايان اضافو ڪندڙ شيئرز ۾ يوني ليور پاڪستان فوڊز لميٽيڊ جي شيئرز جي قيمت 143.62 رپين جي اضافي سان 25674.98 رپيا، جڏهن ته اٽڪ ريفائنري لميٽيڊ جي شيئرز جي قيمت 93.41 رپين جي اضافي سان 1197.49 رپيا ٿي وئي. ٻئي طرف نمايان گهٽتائي ڪندڙ شيئرز ۾ رفحان ميز پروڊڪٽس ڪمپني لميٽيڊ جي شيئرز 49.89 رپين جي گهٽتائي سان 9250.11 رپيا، جڏهن ته نيسلي پاڪستان لميٽيڊ جي شيئرز 47.45 رپين جي گهٽتائي سان 7473.54 رپين تي بند ٿيا. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 230.30 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 52702.72 پوائنٽس، جڏهن ته اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 141.76 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 251656.83 پوائنٽس تي بند ٿيو.