پاڪستان ۽ ايران ڀائر پاڙيسري ملڪ آهن، خطي ۾ امن جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف

بشڪيڪ - 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر پاڙيسري ملڪ آهن، خطي ۾ امن جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار سومر ڏينهن جمهوريه ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان …

بشڪيڪ – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر پاڙيسري ملڪ آهن، خطي ۾ امن جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار سومر ڏينهن جمهوريه ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر پاڙيسري ملڪ آهن جڏهن به اسان جي ملاقات ٿئي ٿي انتهائي اطمينان ۽ خوشي جو سبب بڻجي ٿي ته ٻه ڀاءُ پاڻ ۾ ملي رهيا آهن ۽ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿئي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر ملڪن جي حيثيت سان خطي ۾ امن جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندا ۽ موجوده صورتحال ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.