سماجي شعبي جي ترقي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو، وسيلن ۽ اختيارين کي مقامي ڪرڻ سان هيٺين سطح تي ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا: بلال اظهر ڪياني

اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي، ته سماجي شعبي جي ترقي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي کي اڳتي وڌڻو پوندو، صوبائي سطح تي وسيلن جي هيٺين سطح تائين منتقلي نه ٿي سگهي، اين ايف سي سان گڏوگڏ صوبائي مالياتي ڪميشنز منعقد ڪرڻ  به ضروري آهي، وسيلن ۽ اختيارين کي مقامي سطح تائين آڻڻ سان ڪيترائي مسئلا حل …

اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي، ته سماجي شعبي جي ترقي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي کي اڳتي وڌڻو پوندو، صوبائي سطح تي وسيلن جي هيٺين سطح تائين منتقلي نه ٿي سگهي، اين ايف سي سان گڏوگڏ صوبائي مالياتي ڪميشنز منعقد ڪرڻ  به ضروري آهي، وسيلن ۽ اختيارين کي مقامي سطح تائين آڻڻ سان ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. سومر تي ايس ڊي پي آءِ، يونيسيف ۽ جي آءِ زي جي انتظام هيٺ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير چيو ته سماجي شعبي جي ترقي لاءِ مربوط مالياتي نظام اڻٽر آهي، پاڪستان جي مستقبل جي ترقي سماجي شعبي  ۾ سيڙپڪاريءَ سان واڳيل آهي، سماجي شعبي جي ترقي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو، ملڪ ۾ سماجي شعبي جي فنانسنگ لاءِ جديد ۽ پائيدار ماڊلز جي ضرورت آهي، ترقي جا ثمر معاشري جي معاشي طور ڪمزور، پٺتي پيل طبقن تائين پهچائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، نئين قومي مالياتي ڪميشن جي حوالي سان ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، اين ايف سي ۾ وفاقي يونٽن جا جيترا نمائندا آهن انشاء الله اهي کليل ذهنن سان ڳالهين ذريعي مستقبل جي حوالي سان بهتر انتظامن تي متفق ٿيندا. مملڪتي وزير چيو ته صوبن محصولن ۾ واڌ لاءِ قدم کنيا آهن، اهڙي طرح وفاقي سطح تي به ايف بي آر طرفان محصولن ۾ واڌ ۽ ٽيڪس جي بنياد کي وڌائڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي، نان فائلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو پيو وڃي. دڪاندارن کي ٽيڪس جي نظام ۾ شامل ڪرڻ لاءِ اسڪيم آندي پئي وڃي، هن وقت 35 لک جي لڳ ڀڳ دڪاندار ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن، واپارين ۽ دڪاندرن سان گڏجي ويهي ۽ انهن جي مشاورت سان عملي طور لاڳو ڪرڻ جي اسڪيم متعارف ڪرائي پئي وڃي. ان جي نتيجي ۾ ري ٽيلرز نيٽ ورڪ ۾ شامل ٿيندا. مملڪتي وزير چيو ته اهي ماڻهو جيڪي فائيلرز آهن پر پنهنجي آمدني جي لحاظ کان ٽيڪس نه ڏئي رهيا آهن، انهن لاءِ به شفاف ۽ منصفاڻا سڌارا ڪيا ويا آهن، انفورسمينٽ لاءِ فنڊز به رکيا ويا آهن. مملڪتي وزير چيو ته وفاق ۽ صوبائي سطح تي ترقي لاءِ جيترا فنڊز خرچ ڪيا پيا وڃن، ان ۾ مربوط رابطاڪاري ۽ الائنمينٽ کي به ڏسڻ ضروري آهي.