عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ زندگي جو معيار بهتر بڻائن حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: سردار محمد يوسف

مانسهره - 31 آگسٽ (اي پي پي)  مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي، ته عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ان مقصد لاءِ علائقي جي پائيدار ترقي ۽ عوامي ڀلائي جا عملي قدم جاري آهن. ڊسٽرڪٽ هائوس مانسهره ۾ جائزو وٺندي هن لاڳاپيل عملدارن کي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته …

مانسهره – 31 آگسٽ (اي پي پي)  مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي، ته عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ان مقصد لاءِ علائقي جي پائيدار ترقي ۽ عوامي ڀلائي جا عملي قدم جاري آهن. ڊسٽرڪٽ هائوس مانسهره ۾ جائزو وٺندي هن لاڳاپيل عملدارن کي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي آفيسرن منصوبن جي اڳڀرائي، تعمير جي رفتار ۽ ٻين معاملن تي وفاقي وزير کي بريفنگ ڏني. عملدارن ٻڌايو ته پئڪيج تحت سمورا منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن جن ۾ بجلي جي فراهمي، سيوريج سسٽم، روڊن جي تعمير ۽ بحالي، گهٽين کي پڪو ڪرڻ سميت بنيادي سهولتون شامل آهن. وفاقي وزير واضح ڪيو ته ترقياتي منصوبن ۾ ڪوتاهي يا تعميراتي معيار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته مٿانهن علائقن ۾ جاري منصوبا سردين جي موسم جي شروعات کان اڳ مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي وقت سر سهولتون فراهم ٿي سگهن.