سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 66 هزار 136 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1 هزار 800 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 66 هزار 1 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1543 رپين …

اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1800 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 66 هزار 136 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1 هزار 800 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 66 هزار 1 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1543 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 01 هزار 179 رپين مان گهٽجي 3 لک 99 هزار 636 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 67 هزار 760 رپين مان گهٽجي 3 لک 66 هزار 346 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 67 روپين جي واڌ کانپوءَ 7179 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 57 رپين جي واڌ کانپوءِ 6154 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4454 ڊالرز مان گهٽجي 4436 ڊالرز ٿي وئي.