ڪراچي- 31 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته سندس سماجي تربيت ۽ خدمت خلق جو سفر اڳوڻي وفاقي وزير ۽ فلاحي اداري ٻانهن ٻيلي جي باني سينيٽر جاويد جبار وٽان شروع ٿيو. والدين ۽ استادن کانپوءِ جاويد جبار اها شخصيت آهي جنهن سندس رهنمائي ۽ تربيت ۾ سڀ کان اهم ڪردار ڪيو. انهن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ٻانهن ٻيلي …
سنڌ جي گورنر سان ٻانهن ٻيلي جي وفد جي ملاقات
ڪراچي- 31 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته سندس سماجي تربيت ۽ خدمت خلق جو سفر اڳوڻي وفاقي وزير ۽ فلاحي اداري ٻانهن ٻيلي جي باني سينيٽر جاويد جبار وٽان شروع ٿيو. والدين ۽ استادن کانپوءِ جاويد جبار اها شخصيت آهي جنهن سندس رهنمائي ۽ تربيت ۾ سڀ کان اهم ڪردار ڪيو. انهن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ٻانهن ٻيلي جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي گورنر پنهنجي سماجي ۽ سياسي سفر جون يادون تازيون ڪندي ٿرپارڪر ۾ ٻانهن ٻيلي سان گذاريل وقت ۽ فلاحي سرگرمين جو ذڪر ڪيو. گورنر چيو ته 1985ع ۾ ٿر جي دوري دوران سنيٽر جاويد جبار مقامي آبادي کي درپيش غربت ۽ مشڪلاتن کي اجاڳر ڪيو، جنهن بعد ٻانهن ٻيلي جي پليٽ فارم تان خدمتِ خلق جو سفر شروع ٿيو ۽ وقت سان ان جو دائرو وسيع ٿيندو ويو. گورنر ان سفر ۾ ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن ڊاڪٽر حسين بخش ڪلاچي، ڊاڪٽر غفار بلوچ، مرحوم عبدالله مراد، يونس ٻنڌاڻي، عليم سومرو، خالد ممتاز، سلطان صديقي، ڊاڪٽر آفاق، ڊاڪٽر سعيد اسماعيل، ڊاڪٽر شنڪر لال، ڊاڪٽر فرديده، غذرا بابر گل فرخنده، عافيه سلام ۽ ٻين کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته انهن اجتماعي ڪاوشن جي نتيجي ۾ ٿر جي مختلف ٻهراڙين ۾ ڪيترائي اسڪول، ڊيم ۽ ميٽرنٽي جا مرڪز قائم ٿيا. ان وقت ٿر سخت غربت، بک ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ جو شڪار هو، پر لڳاتار ڪاوشن سبب خطي جي حالتن ۾ نمايان بهتري آئي. هن چيو ته سينيٽر جاويد جبار جي ڪاوشن سان ٿر ۾ رستن جي اڏاوت، سائنسي نمائشن ۽ ٻين ترقياتي سرگرمين کي هٿي ملي، جڏهن ته حڪومتي ادارن جو ڌيان به علائقي جي مسئلن ڏانهن ڇڪرايو. ان موقعي تي جاويد جبار چيو ته سيد محمد نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر ڏسي تمام گهڻي خوشي ۽ فخر محسوس ٿيو. هن چيو ته نهال هاشمي اٽڪل چار ڏهاڪا اڳ ٻانهن ٻيلي سان ڪم ڪندي انتهائي مشڪل حالتن جي باوجود ٿرپارڪر جي عوام جي خلوص، لڳاءُ ۽ محنت سان خدمت ڪئي. هن چيو ته ڪيترائي ڏهاڪا گذرڻ باوجود نهال هاشمي جي اخلاص، رويي ۽ شخصيت ۾ ڪا تبديلي نه آئي. سندس سادگي، عاجزي ۽ خدمتِ خلق جو جذبو اڄ به قابل تحسين ۽ متاثر ڪندڙ آهي. سينيٽر جاويد جبار چيو ته گورنر سنڌ جو منصب سنڀالڻ بعد سيد محمد نهال هاشمي سندس گهر اچي عزت افزائي ڪئي، جنهن تي هو هميشه سندس شڪرگذار رهندو.












