چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ خان آفريدي پاران بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ سهولت مرڪز جو افتتاح

ڪوئٽا-31 آگسٽ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ خان آفريدي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ سهولت مرڪز جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. سومر ڏينهن چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحييٰ خان آفريدي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ پهريون ڀيرو عوامي سهولت مرڪز جو افتتاح ڪيو آهي. ان موقعي تي ساڻس گڏ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس محمد ڪامران خان ملا خيل، وفاقي آئيني عدالت جو جج جسٽس روزي خان …

ڪوئٽا-31 آگسٽ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ خان آفريدي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ سهولت مرڪز جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. سومر ڏينهن چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحييٰ خان آفريدي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ پهريون ڀيرو عوامي سهولت مرڪز جو افتتاح ڪيو آهي. ان موقعي تي ساڻس گڏ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس محمد ڪامران خان ملا خيل، وفاقي آئيني عدالت جو جج جسٽس روزي خان بڙيچ، سپريم ڪورٽ جي ججز جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس محمد هاشم خان ڪاڪڙ، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ججز جسٽس اقبال ڪاسي، جسٽس گل حسن ترين، جسٽس سردار احمد حليمي، جسٽس شوڪت علي رخشاني، جسٽس محمد عامر نواز رانا، جسٽس عبدالقيوم لهڙي ۽ جسٽس الله داد روشان، رجسٽرار بلوچستان هاءِ ڪورٽ ناصر خان يوسفزئي، چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان، صوبائي سيڪريٽريز ۽ ٻيا  پڻ گڏ هئا. ان کان اڳ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحييٰ  خان آفريدي جسٽس محمد ڪامران خان ملا خيل، سپريم ڪورٽ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ججن سان گڏجي سهولت مرڪز جو دورو ڪيو ۽ سهولت مرڪز ۾ قائم سهولتن جو جائزو ورتو.