ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمتن ۾ گذريل هفتي گهٽتائي ٿي: قومي شماريات ادارو

اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمتن ۾ گذريل هفتي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. قومي شماريات واري اداري مطابق 27 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1555 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.63 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل هفتي ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ …

اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي ريٽيل قيمتن ۾ گذريل هفتي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. قومي شماريات واري اداري مطابق 27 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1555 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.63 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل هفتي ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1565 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. ساڳئي طرح 27 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ جي ڏاکڻين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري ريٽيل قيمت 1539 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.53 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل هفتي ۾ ملڪ جي ڏاکڻن شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1547 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق گذريل هفتي دوران اسلام آباد ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي رٽيل قيمت 1532، راولپنڊي ۾ 1535، گجرانوالا ۾ 1600، سيالڪوٽ ۾ 1500، لاهور ۾ 1590، فيصل آباد ۾ 1550، سرگوڌا ۾ 1582، ملتان ۾ 1591، بهاولپور ۾ 1560، پشاور ۾ 1573 ۽ بنون ۾ 1490 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. ساڳئي طرح ڪراچي ۾ سيمينٽ جي في ٻوري جي ريٽيل قيمت 1470، حيدرآباد 1519، سکر 1600، لاڙڪاڻو 1523، ڪوئيٽا 1520 ۽ خضدار ۾ 1600 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي.