مصطفيٰ ڪمال به نفرت کي ھوا ڏئي رهيو آهي، ايم ڪيو ايم جي نفرت ۽ ويڇي تي ٻڌل سياست رد ٿي چُڪي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-31 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي ردعمل جو اظھار ڪندي چيو آھي ته مصطفيٰ ڪمال به نفرت کي ھوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ايم ڪيو ايم جي نفرت ۽ ويڇي تي ٻڌل سياست رد ٿي چُڪي آهي، شھري ۽ ٻھراڙي جو فرق پيدا ڪرڻ جي …

ڪراچي-31 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي ردعمل جو اظھار ڪندي چيو آھي ته مصطفيٰ ڪمال به نفرت کي ھوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ايم ڪيو ايم جي نفرت ۽ ويڇي تي ٻڌل سياست رد ٿي چُڪي آهي، شھري ۽ ٻھراڙي جو فرق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي عوام اڳ به سياسي طور تي دفن ڪيو ۽ ھاڻي به ڪندو. ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته ڪجهه ناڪاري مثالن ۽ ڪوڙين دعوائن سان حقيقت تبديل نه ٿي ڪري سگھجي، پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين نفرت جون ڀتيون ڊاھيون آھن، جڏھن ته مخالفن سدائين ويڇي جو دڪان ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل ۽ پاڪستان جي معيشت جي شهه رڳ آھي، ڪراچي کي دُنيا جي آڏو دھشت سان بدنام ڪرڻ وارا ھاڻي وفاق جي پويان پيا آھن. ھن چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياست سدائين ويڇي، نفرت ۽ لساني فرق جي چوڌاري گھمندي رھي آھي، عوام سندن ڪوڙي موقف ۽ سياسي مداري پڻي کي بھتر نموني سمجھي چُڪو آھي، انتظامي فيصلن کي لساني رنگ ڏيڻ اصل ۾ پنھنجي ناڪام سياست کي جيارڻ جي ڪوشش آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي 18 ورھين جو طعنو ڏيڻ وارن کي عوام رد ڪري ڇڏيو اُن جي ابتڙ عوام ھر اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي سرخرو ڪيو. ھن چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آھي ۽ رھندي، ڪو به پنھنجي وقتي مفادن جي لاءِ عوام کي ورهائي نه ٿو سگھي، پاڪستان پيپلز پارٽي بنا ڪنھن فرق جي سنڌ جي سمورن شھرين کي ترقي جا موقعا ڏنا، وفاق کي ڳنڍڻ واري پارٽي کي ڪراچي کي ورھائڻ جو ذميوار قرار ڏيڻ کل جوڳي ڳالھ آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي سميت سڄي صوبي جي عوام جي خدمت کي پاڪستان پيپلز پارٽي پنھنجو مشن سمجھي ٿي، پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين نفرت جي سياست کي شڪست ڏني ۽ امن، ترقي، ڀائيچاري کي ھٿي ڏني، پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏھن به ڪراچي کي ناھي ورھايو، پر ملڪ کي ڳنڍڻ، سنوارڻ ۽ ترقي ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪيو. ھن چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته سندن ٻارن جي ھٿن ۾ بندوقون ڏئي ڪنھن سندن مستقبل برباد ڪيو، مصطفيٰ ڪمال ٻڌائي ته لساني ويڇو، ٻوري بند لاش، ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪنھن جي سڃاڻپ آھي؟ سنڌ صدين کان مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙن جو گھر آھي، مصطفيٰ ڪمال جھڙا سياستدان پنھنجي سياسي مقصدن لاءِ نفرت کي ھوا ڏئي رھيا آھن.