صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جي زراعت بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

ڪراچي-31 آگسٽ (اي پي پي)  سنڌ ڪابينا جي زراعت بابت ذيلي ڪميٽي جو اهم اجلاس صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ربيع جي سال27-2026ع جي سيزن لاءِ ڊي اي پي ڀاڻ جي قيمت ۾ امڪاني واڌ جي صورت ۾ آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ تجويز ڪيل سبسڊي تي تفصيلي غور ڪيو ويو. زراعت بابت صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر چيو ته …

ڪراچي-31 آگسٽ (اي پي پي)  سنڌ ڪابينا جي زراعت بابت ذيلي ڪميٽي جو اهم اجلاس صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ربيع جي سال27-2026ع جي سيزن لاءِ ڊي اي پي ڀاڻ جي قيمت ۾ امڪاني واڌ جي صورت ۾ آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ تجويز ڪيل سبسڊي تي تفصيلي غور ڪيو ويو. زراعت بابت صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر چيو ته سنڌ حڪومت آبادگارن کي ڊي اي پي ڀاڻ جي امڪاني قيمت ۾ واڌ کان رليف ڏيڻ لاءِ مختلف تجويزن جو جائزو وٺي رهي آهي. آبادگارن کي وقت سر ۽ اثرائتي رليف جي فراھمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته ڪسان ڪارڊ ذريعي سنڌ جي آبادگارن کي رليف فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته زرعي شعبي ۾ اجتماعي نظام کي به ڪامياب بڻائڻ ضروري آهي. سب ڪميٽي پنهنجون حتمي سفارشون اڄ سنڌ ڪابينا کي پيش ڪندي، جنهن بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو. صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته زرعي شعبي جي ترقي ۽ آبادگارن جي مسئلن جو حل سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ڊي اي پي سميت زرعي شين جي مناسب قيمت ۽ دستيابي يقيناً آبادگارن جي مفاد ۾ انتهائي ضروري آهي. سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ڀاڻ جي قيمت ۾ امڪاني واڌ جا اثر سڌوسنئون آبادگارن تي پون ٿا، ان ڪري حڪومت کي آبادگار دوست پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. سنڌ جا آبادگار ملڪي غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، انهن کي هر ممڪن سهولت ۽ رليف فراهم ڪيو ويندو. مخدوم محبوب الزمان چيو ته آبادگارن کي زرعي خرچن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ اثرائتي ۽ شفاف سبسڊي پاليسي وقت جي اهم ضرورت آهي. حڪومت جي ڪوشش آهي ته آبادگارن کي سهولتون فراهم ڪري زرعي پيداوار ۾ واڌاري ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍو چيو ته آبادگارن کي ڊي اي پي ڀاڻ جي قيمت ۾ امڪاني واڌ کان رليف ڏيڻ لاءِ عملي ۽ قابل عمل تجويزن کي ترجيح ڏني وڃي.اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڄام خان شورو، سيد ذوالفقار علي شاهه، مخدوم محبوب الزمان، خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍو، سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو، ايڊيشنل سيڪريٽري ادريس کوسو، ڊپٽي سيڪريٽري خادم حسين ٻرڙو، ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.