بشڪيڪ - 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي بشڪيڪ پهچي ويو. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. بشڪيڪ پهچڻ تي ڪرغزستان جي ڪابينا جي چيئرمين عادلبيڪ قاسماليف وزيراعظم محمد شهباز شريف جو استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي بشڪيڪ پهچي ويو

مزید خبریں
بشڪيڪ – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي بشڪيڪ پهچي ويو. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. بشڪيڪ پهچڻ تي ڪرغزستان جي ڪابينا جي چيئرمين عادلبيڪ قاسماليف وزيراعظم محمد شهباز شريف جو استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او پلس سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ورلڊ نوميڊ گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان پڻ شرڪت ڪندو. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. ملاقاتن ۾ گڏيل لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، علائقائي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف سان ٻطرفي ملاقات ڪندو، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم جي ڪرغزستان جي دوري دوران واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، علائقائي رابطن، تعليم، سياحت ۽ عوامي رابطن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، عليم خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پاڪستاني وفد ۾ شامل آهن.











