اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ اٽلي جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، افرادي قوت جي چرپر ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿ ڏني وڃي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر اهڙن خيالن …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران پاڪستان ۽ اٽلي جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ اٽلي جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، افرادي قوت جي چرپر ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿ ڏني وڃي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر اهڙن خيالن جو اظهار اٽلي جي سفير يوگو چيئرلاتاني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان اٽلي سان پراڻي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي ڏيل احترام ۽ مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي ٻڌل آهن. هن اعتماد ظاهر ڪيو ته سفير يوگو چيئرلاتاني پنهنجي سفارتي ذميوارين دوران ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو. وقتي صدر چيو ته پاڪستان اٽلي جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي ۽ اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جا نوان موقعا فراهم ڪندو. پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. هن پاڪستان ۾ اطالوي ڪمپنين جي موجودگي جي آجيان ڪندي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ اٽلي پاران وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي. هن سفير يوگو چيئرلاتاني کي اسلام آباد ۾ اٽلي جي نئين سفارتي مشن جي تڪميل تي پڻ مبارڪباد ڏني. وقتي صدر ٽيڪنيڪي ۽ پيشيواراڻي شعبن ۾ اٽلي جي تعاون کي ساراهيو جنهن ۾ فيصل آباد ۾ پاڪستان – اٽلي ٽيڪسٽائيل سينٽر ۽ لاهور ۾ فٽ ويئر سينٽر قائم ڪرڻ سميت سائنسي ۽ ماحولياتي شعبن ۾ تعاون پڻ شامل آهي. هن اٽلي ۾ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ دستياب تعليمي موقعن جي آجيان ڪئي ۽ افرادي قوت، مزدورن جي هجرت ۽ لڏپلاڻ بابت پاڪستان – اٽلي مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) جي اهميت تي زور ڏنو جيڪو محفوظ، منظم ۽ قانوني هجرت کي آسان بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. سيد يوسف رضا گيلاني اٽلي پاران ايندڙ ٽن سالن دوران پاڪستان مان 10500 هنرمند ڪارڪنن جي ڀرتي جي فيصلي جي پڻ آجيان ڪئي ۽ چيو ته افرادي قوت جي چرپر ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وقتي صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 26 – 2025ع جي مدي لاءِ غيرمستقل ميمبر جي طور تي پاڪستان جي چونڊ ۾ اٽلي جي حمايت تي ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ ٻين گهڻ رخي فورمز تي اٽلي سان اڳتي به مسلسل رابطي ۽ تعاون جو خواهشمند آهي. اٽلي جي سفير يوگو چيئرلاتاني جنهن تازو ئي اسلالم آباد ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀاليون آهن، چيو ته سندس سفارتي مدي دوران ترجيحن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ اطالوي سيڙپڪاري ۾ اضافو شامل هوندو. هن چيو ته کيس خوشي آهي ته هن اهڙي وقت ۾ پاڪستان ۾ پنهنجون سفارتي ذميواريون سنڀاليون آهن جڏهن پاڪستان خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اطالوي سفير ٻڌايو ته اٽلي ۾ پاڪستاني ڄاوا اٽڪل 3 لک ماڻهو رهن ٿا، ڪم ڪري رهيا آهن ۽ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.











