اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته ملڪ استحڪام کان اوسر ڏانهن گامزن آهي، روانگي واپار تي ٻڌل اوسر لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي، حڪومت مالي گنجائش موجب روانگي واپار تي ٻڌل اوسر کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سومر ڏينهن ايگزم بينڪ جي انتظام هيٺ منعقد تقريب کي مهمان خاص طور خطاب …
سرڪاري ۽ نجي شعبي جي مضبوط حصيداري سان معيشت پائيدار بنيادن تي اڳيان وڌي سگهي ٿي: ناڻي وارو وزير

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته ملڪ استحڪام کان اوسر ڏانهن گامزن آهي، روانگي واپار تي ٻڌل اوسر لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي، حڪومت مالي گنجائش موجب روانگي واپار تي ٻڌل اوسر کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سومر ڏينهن ايگزم بينڪ جي انتظام هيٺ منعقد تقريب کي مهمان خاص طور خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته معاشي ترقي ۾ نجي شعبي جي شموليت ضروري آهي، سرڪاري ۽ نجي شعبي جي مضبوط حصيداري سان معيشت پائيدار بنيادن تي اڳيان وڌي سگهي ٿي، معاشي سرگرمين جو عمل سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺائڻ سان جڙيل آهي، حڪومت معاشي استحڪام سان پائيدار ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ هن وقت استحڪام کان اوسر ڏانهن گامزن آهي، ڪجهه سال اڳ اسان جي معيشت ڪمزور ٿي وئي هئي جڏهن ته آهستي آهستي بحالي جو عمل جاري آهي. گذريل سال اقتصادي اوسر جي شرح 3.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي، هلندڙ سال ان کان وڌيڪ بهتري جي اميد آهي. هن چيو ته وچ اوڀر جي تازي بحران سان مهانگائي ۽ مجموعي قومي پيداوار تي اثر پيا آهن، پاڪستان ان مسئلي جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ لاهن چاڙهن سبب ادائگين ۾ توازن جو مسئلو پيش آيو هو، اسان جي ڪوشش آهي ته روانگي واپار تي ٻڌل اوسر ۽ ان کي پائيدار بنيادن تي جاري رکڻ تي ڌيان ڏنو وڃي، هن وقت مالي خسارو 22 سالن جي گهٽ ترين سطح تي آهي، پرائمري بئلينس جي صورتحال به بهتر آهي، گذريل سال ڪرنٽ اڪائونٽ جا کاتا واڌو رهيا. ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي لاءِ اوسر ناهي پر اوسر کي پائيدار بنيادن تي اڳيان وڌائڻ هڪ چئلينج آهي ان لاءِ نجي شعبي جي قيادت ۾ روانگي واپار تي ٻڌل اوسر جي پاليسي تي عمل پيرا آهيون. حڪومت طور اسان جو ڪردار متوازن ۽ موزون ايڪو سسٽم جي فراهمي آهي، حڪومت مالي گنجائش موجب روانگي واپار تي ٻڌل اوسر کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، گذريل ۽ جاري مالي سال جي بجيٽ ۾ ان حوالي سان ڪيترا ئي قدم کنيا ويا هئا. سپر ٽيڪس جو خاتمو ڪيو ويو، ايڊوانس ٽيڪس ۾ به سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، توانائي جون قيمتون چٽاڀيٽي واريون بڻائڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي. ناڻي واري وزير چيو ته چٽاڀيٽي ماليات لاءِ اسان جون ڪوششون جاري آهن، جيتوڻيڪ وچ اوڀر جي بحران سبب معيشت تي اثر پيا آهن ۽ پاليسي ريٽ ۾ اضافو ٿيو آهي ان باوجود حڪومت صورتحال ۾ بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي. روانگي واپار ڪندڙن کي 4.5 سيڪڙو جي شرح سان مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ ايگزم بئنڪ پاڪستان جو ڪردار اهميت رکي ٿو. حڪومت ايڪسپورٽ ري فنانسنگ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ايل ٽي ايف ايف تي عملدرآمد ٿي چڪو آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته روانگي واپار جي بنياد کي وسيع ۽ گهڻ رخو بڻايو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي اهميت اهم آهي ۽ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ننڍي کان ننڍي روانگي واپار ڪندڙ کي سبسڊائيز ماليات جي فراهمي کي ممڪن بڻايو وڃي.











