راولپنڊي - 31 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان مان فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن رد الفتنه جاري آهي، بلوچستان جي علائقي واشڪ پلانتڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگرد ماشڪيل پوليس اسٽيشن ۽ ڪسٽم هائوس تي دهشتگرداڻي حملي ۾ ملوث هئا. ڪارروائي ۾ دهشتگردن جي گاڏي تباهه ٿي وئي جڏهن …
بلوچستان مان فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن ردالفتنه جاري، 2 دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي – 31 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان مان فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن رد الفتنه جاري آهي، بلوچستان جي علائقي واشڪ پلانتڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگرد ماشڪيل پوليس اسٽيشن ۽ ڪسٽم هائوس تي دهشتگرداڻي حملي ۾ ملوث هئا. ڪارروائي ۾ دهشتگردن جي گاڏي تباهه ٿي وئي جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو، هٿ آيل هٿيار ۽ بارودي مواد معصوم بلوچ عوام جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگرداڻين ڪارروائين ۾ استعمال ٿيڻو هو. سيڪيورٽي ذريعن چيو ته بلوچستان مان فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون.











