گڏيل قومون - 31 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي نسلي فرق جي خاتمي بابت ڪميٽي چيو آهي، ته ملڪن تي قانوني ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو ايٽلانٽڪ سمنڊ پار غلامن جي واپار جي متاثرن جي ازالي ۽ ٻين قدمن تي غور ڪرڻ ۽ نسلي فرق جي خاتمي جي پوندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر قدم کڻن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪميٽي پاران سومر ڏينهن جاري رهنمائي ۾ …
گڏيل قومن جي نسلي فرق جي خاتمي بابت ڪميٽي پاران غلامن جي واپار جي متاثرن جي ازالي لاءِ قدمن تي غور ڪرڻ جو مطالبو
گڏيل قومون – 31 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي نسلي فرق جي خاتمي بابت ڪميٽي چيو آهي، ته ملڪن تي قانوني ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو ايٽلانٽڪ سمنڊ پار غلامن جي واپار جي متاثرن جي ازالي ۽ ٻين قدمن تي غور ڪرڻ ۽ نسلي فرق جي خاتمي جي پوندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر قدم کڻن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪميٽي پاران سومر ڏينهن جاري رهنمائي ۾ چيو ويو آهي ته اهي ذميواريون 1965ع جي نسلي فرق جي خاتمي بابت قانوني طور تي پابند ڪنوينشن مان پيدا ٿين ٿيون. ڪميٽي ان موقف کي تاريخي ذميواري بابت بحث کان هٽي ڪري هڪ هاڪاري تبديلي قرار ڏيندي چيو آهي، ته آفريقي نسل سان تعلق رکندڙ ماڻهن لاءِ جامع ازالي جا قدم کنيا وڃن. ڪميٽي موجب 15هين کان 19هين صدي دوران گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ 25 لک آفريقين کي جبري طور تي منتقل ڪري وڪرو ڪيو ويو، جيڪا تاريخ جي سڀ کان وڏي جبري لڏپلاڻ هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ازالي جي مطالبن ۾ سرڪاري معذرت کان وٺي مالي معاوضي تائين مختلف قدم شامل آهن. رڳو مالي معاوضو ڪافي ناهي هوندو. ڪميٽي دستاويزن ۽ تاريخي رڪارڊ عوام لاءِ کولڻ، عوامي يادگارن تي نظرثاني ۽ آزاداڻي سچائي ڪميشن قائم ڪرڻ سميت تبديلي آڻيندڙ قدمن تي زور ڀريو. ڪميٽي جي ميمبر چيو ته رياستن کي رڳو عام طور تي افسوس جو اظهار ڪرڻ بدران پنهنجين پاليسين ۽ قانونن جو جائزو وٺي ٺوس ۽ بامعنيٰ قدم کڻڻا پوندا.












