صدر جي هدايت تي سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري ۽ صدر جي ترجمان مرتضى سولنگي جو اسلام آباد ۾ نيپال جي سفارتخاني جو دورو

اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري ۽ صدر جي ترجمان مرتضى سولنگي اسلام آباد ۾ نيپال جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ گذريل هفتي چين – نيپال سرحد ويجهو لينڊ سلائيڊنگ ۽ گليشيئر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ ايندڙ شديد ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ تباهي تي صدر ۽ پاڪستاني عوام پاران دلي …

اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري ۽ صدر جي ترجمان مرتضى سولنگي اسلام آباد ۾ نيپال جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ گذريل هفتي چين – نيپال سرحد ويجهو لينڊ سلائيڊنگ ۽ گليشيئر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ ايندڙ شديد ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ تباهي تي صدر ۽ پاڪستاني عوام پاران دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ نيپال جي سفير ريتا دهيتال سندن استقبال ڪيو ۽ ان مشڪل وقت ۾ نيپال سان پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران يڪجهتي جي اظهار ۽ تعاون تي ٿورا ادا ڪيا. سيد نيئر حسين بخاري ۽ مرتضى سولنگي وزيٽرز بڪ ۾ پنهنجا تعزيتي تاثر لکيا ۽ نيپال جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.