اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) جولاءِ 2026 ع دوران پاڪستان جي معيشت جي اهم انگ اکرن ۾ هاڪاري اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جيڪا معاشي استحڪام، مالي نظم و ضبط ۽ پرڏيهي شعبي ۾ بهتري جي عڪاسي ڪري ٿي. جولاءِ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان موڪليل ناڻي ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جا ذخيرا 31 جولاءِ تائين …
جولاءِ 2026ع جا هاڪاري انگ اکر، معيشت ۾ استحڪام ۽ اعتماد جي بحالي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) جولاءِ 2026 ع دوران پاڪستان جي معيشت جي اهم انگ اکرن ۾ هاڪاري اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جيڪا معاشي استحڪام، مالي نظم و ضبط ۽ پرڏيهي شعبي ۾ بهتري جي عڪاسي ڪري ٿي. جولاءِ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان موڪليل ناڻي ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جا ذخيرا 31 جولاءِ تائين 17.043 ارب ڊالر جي سطح تي پهچي ويا. اسٽيٽ بئنڪ مطابق مختلف بئنڪن سميت ملڪ جا مجموعي مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا 22.475 ارب ڊالر رهيا. معاشي استحڪام کي نظر ۾ رکندي ڪرنٽ اڪائونٽ جي صورتحال، روپئي جي قدر ۾ استحڪام ۽ مالياتي نظم و ضبط ۾ بهتري به اهم هاڪاري انگ اکر قرار ڏنا پيا وڃن. اهڙي طرح ٽيڪس وصولين ۾ بهتري حڪومتي ٽيڪس اوڳاڙيون وڌائڻ ۽ مالياتي خساري کي ضابطي ۾ رکڻ جي ڪوشش جي عڪاسي ڪري ٿي. ماهرن مطابق پرڏيهي ادائيگين جي بهتر گنجائش، پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي ۾ اضافو، پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ استحڪام ۽ مالياتي نظم و ضبط معاشي اعتماد جي بحالي لاءِ اهم عمل آهن. اها اڳڀرائي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته پاڪستان معاشي سڌارن، مالياتي استحڪام ۽ پرڏيهي شعبي کي مضبوط بڻائڻ جي پاليسي ذريعي پائيدار اقتصادي ترقي طرف اڳتي وڌي رهيو آهي. حڪومت طرفان جاري سڌارن واري عمل، روانگي واپار ۾ اضافي، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ پيداواري شعبن جي توسيع تي ڌيان مستقبل ۾ معاشي استحڪام کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.











