ملڪ ۾ 97.25 سيڪڙو براڊ بينڊ صارفين انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيا آهن: تجزياتي رپورٽ

اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ ۾ موبائل فونز جي انٽرنيٽ صارفين جي شرح 97.25 سيڪڙو آهي، جڏهن ته 2.75 سيڪڙو صارفين فڪسڊ لائن انٽرنيٽ جي سهولت مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي خدمت فراهم ڪندڙ هڪ نجي ڪمپني ڊيٽا درٻار جي تجزيڪارن مطاهرخان ۽ عبدالعزيز ملڪ پنهنجي هڪ گڏيل تجزياتي رپورٽ ۾ چيو آهي ته گذريل مالي سال 2026 ع جي آخر …

اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ ۾ موبائل فونز جي انٽرنيٽ صارفين جي شرح 97.25 سيڪڙو آهي، جڏهن ته 2.75 سيڪڙو صارفين فڪسڊ لائن انٽرنيٽ جي سهولت مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي خدمت فراهم ڪندڙ هڪ نجي ڪمپني ڊيٽا درٻار جي تجزيڪارن مطاهرخان ۽ عبدالعزيز ملڪ پنهنجي هڪ گڏيل تجزياتي رپورٽ ۾ چيو آهي ته گذريل مالي سال 2026 ع جي آخر ۾ ملڪ ۾ براڊ بينڊ صارفين جو مجموعي انگ 164 ملين هو جنهن مان 97 سيڪڙو کان وڌيڪ يعني 159.5 ملين صارفين موبائل فونز ذريعي انٽرنيٽ تائين پهچ حاصل ڪري رهيا هئا، جڏهن ته 2.75 سيڪڙو يعني 4.5 ملين صارفين فڪسڊ لائنز انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيا هئا. رپورٽ مطابق گذريل 7 سالن دوران آپٽيڪل فائبرز ذريعي براڊبينڊ سان لاڳاپيل صارفين جي انگ ۾ 2780 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. مالي سال 2019ع جي آخر تائين فائبر ڪيبل سان انٽرنيٽ تائين پهچ حاصل ڪندڙ صارفين جي ڪنيڪشنز جو انگ هڪ لک هو، جڏهن ته گذريل مالي سال جي پڄاڻي تائين فائبر ڪيبل انٽرنيٽ ڪنيڪشنز جي انگ ۾ 2.88 ملين يعني 2780 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي. تجزيڪارن مطابق موبائل انٽرنيٽ صارفين کي ڪجهه وقتن ۾ انٽرنيٽ تائين پهچ ۽ اسپيڊ جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جڏهن ته فڪسڊ لائن کي بهتر سروسز تائين پهچ حاصل ٿي آهي. رپورٽ مطابق ملڪ ۾ فڪسڊ انٽرنيٽ صارفين جي انگ ۾ گهٽتائي جو بنيادي سبب خرچ آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ گهر تائين ڪيبل وڇائڻ تي 60 هزار کان هڪ لک 20 هزار روپين تائين جو خرچ ايندو آهي.