حيدرآباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس ڀٽي ڳوٺ جي فتح باغ گيٽ ڀرسان مبينا مقابلي کان پوءِ هڪ ڦورو مظفر ميراڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ان جي قبضي مان لوڊ پستول ۽ ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد مان ڦر ڪيل 125 موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. حيدرآباد پوليس جي ترجمان موجب جوابدار جا ٻه ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي …
حيدرآباد ۾ ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس پاران مبينا مقابلي بعد هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
حيدرآباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس ڀٽي ڳوٺ جي فتح باغ گيٽ ڀرسان مبينا مقابلي کان پوءِ هڪ ڦورو مظفر ميراڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ان جي قبضي مان لوڊ پستول ۽ ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد مان ڦر ڪيل 125 موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. حيدرآباد پوليس جي ترجمان موجب جوابدار جا ٻه ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جن جي گرفتارين جي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ترجمان موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار کي علاج لاءِ سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.











