بشڪيڪ- 31 آگسٽ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ڪرغزستان سان گڏجي ٻنهي ملڪن جي ترقياتي حڪمت عملي کي وڌيڪ هم آهنگ ڪرڻ، حڪمراني جي تجربن جي مٽا سٽا کي هٿي ڏيڻ ۽ عملي سهڪار جا ثمر عوام تائين وڌيڪ اثرائتي ۽ قابل پهچ انداز ۾ پهچائڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف سان ملاقات دوران شي جن …
چين ڪرغزستان سان ترقياتي حڪمت عملي ۽ هم آهنگي وڌائڻ لاءِ تيار آهي: شي جن پنگ
بشڪيڪ- 31 آگسٽ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ڪرغزستان سان گڏجي ٻنهي ملڪن جي ترقياتي حڪمت عملي کي وڌيڪ هم آهنگ ڪرڻ، حڪمراني جي تجربن جي مٽا سٽا کي هٿي ڏيڻ ۽ عملي سهڪار جا ثمر عوام تائين وڌيڪ اثرائتي ۽ قابل پهچ انداز ۾ پهچائڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف سان ملاقات دوران شي جن پنگ کي چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي رهنمائي ۾ تازن سالن دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي تيزي سان هٿي ملي رهي آهي. چين جي صدر چيو ته چين ۽ ڪرغزستان وچ ۾ اهم گڏيل منصوبن، جن ۾ چين، ڪرغزستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ريلوي منصوبو شامل آهي، ان تي تازن سالن ۾ مسلسل اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته اهي منصوبا ٻنهي ملڪن جي ترقي لاءِ اثرائتو سهڪار فراهم ڪري رهيا آهن، عوام کي فائدو پهچائي رهيا آهن ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ ۾ به ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. شي جن پنگ ان عزم جو اظهار به ڪيو ته چين ۽ ڪرغزستان مستقبل ۾ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪندي ”گڏيل مستقبل رکندڙ چين، ڪرغزستان برادري“ قائم ڪرڻ ڏانهن علي اڳڀرائي جاري رکندا.












