کٽمنڊو- 31 آگسٽ (اي پي پي) نيپال ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي 903 ، جڏهن ته گم ٿيل ماڻهن جو انگ 4247 تائين پهچي ويو جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ شاگرد پُڻ شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا نيپال جي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي حوالي سان ٻڌايو ته 267 ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. اٿارٽي ٻڌايو ته متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ڪارروائين لاءِ مجموعي طور تي 20819 سيڪيورٽي …
نيپال ۾ فوتين جو انگ وڌي 903 ٿي ويو، جڏهن ته گم ٿيل ماڻهن جو انگ 4247 تائين پهچي ويو، 200 کان وڌيڪ شاگرد پُڻ شامل
کٽمنڊو- 31 آگسٽ (اي پي پي) نيپال ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي 903 ، جڏهن ته گم ٿيل ماڻهن جو انگ 4247 تائين پهچي ويو جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ شاگرد پُڻ شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا نيپال جي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي حوالي سان ٻڌايو ته 267 ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. اٿارٽي ٻڌايو ته متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ڪارروائين لاءِ مجموعي طور تي 20819 سيڪيورٽي اهلڪار متحرڪ آهن. 26 آگسٽ 2026ع تي هماليه جي جابلو سلسلي ۾ گليشيئر ڦاٽڻ سبب تريشولي درياهه ۾ آيل خوفناڪ ٻوڏ سبب نيپال جا ضلعا ڌادنگ ۽ چستوان سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. جن مان ڌادنگ کي نيپال جي حڪومت باقاعده طور آفت سٽيل قرار ڏنو آهي. جڏهن ته نيپال جي تعليم واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ٻوڏ سبب وڌيڪ متاثر ٽن ضلعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 19 اسڪول متاثر ٿيا، 9 مڪمل طور تباهه ۽ 7 کي جزوي نقصان پهتو آهي ۽ ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ استادن ۽ شاگردن جي گم ٿيڻ جا اطلاع آهن. تعليم ۽ راندين بابت وزارت جي تازي جائزي رپورٽ مطابق 200 کان وڌيڪ شاگرد گم آهن جڏهن ته اٽڪل 20 شاگرد ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويا آهن. شديد متاثر ٿيل اڪثر اسڪول نواڪوٽ ۽ رسوا ضلعن ۾ آهن. انهن ٻنهي ضلعن جا ڪيترائي اسڪول جتي 2425 شاگرد تعليم هيٺ هئا يا ته اهي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا يا ملبي هيٺ دٻجي ويا آهن. هڪ اسڪول جي انتظاميا ٻڌايو ته ٻوڏ ۾ سندن اسڪول جي هڪ بس به لڙهي وئي آهي.












