واشنگٽن- 31 آگسٽ (اي پي پي) گوگل آمريڪي صارفين لاءِ پنهنجي ميپس سروس تي ڪينيڊا ۽ آمريڪا وچ ۾ واقع اونٽاريو ڍنڍ جو نالو تبديل ڪري ”ليڪ آمريڪا“ ڪري ڇڏيو آهي، اها تبديلي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڍنڍ جو نالو تبديل ڪرڻ جي اعلان بعد ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪينيڊا ۾ صارفين کي پنهنجن موبائل فونز ۽ ڪمپيوٽرز تي اها ڍنڍ لڳاتار ”ليڪ اونٽاريو“ جي نالي سان ئي …
گوگل آمريڪي صارفين لاءِ پنهنجي ميپس سروس تي ڪينيڊا ۽ آمريڪا وچ ۾ واقع اونٽاريو ڍنڍ جو نالو تبديل ڪري ”ليڪ آمريڪا“ رکي ڇڏيو
واشنگٽن- 31 آگسٽ (اي پي پي) گوگل آمريڪي صارفين لاءِ پنهنجي ميپس سروس تي ڪينيڊا ۽ آمريڪا وچ ۾ واقع اونٽاريو ڍنڍ جو نالو تبديل ڪري ”ليڪ آمريڪا“ ڪري ڇڏيو آهي، اها تبديلي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڍنڍ جو نالو تبديل ڪرڻ جي اعلان بعد ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪينيڊا ۾ صارفين کي پنهنجن موبائل فونز ۽ ڪمپيوٽرز تي اها ڍنڍ لڳاتار ”ليڪ اونٽاريو“ جي نالي سان ئي نظر ايندي. گوگل مطابق اهو نالو 17 هين صدي کان استعمال ٿي رهيو آهي ۽ ان جون پاڙون مقامي آبادي جي ٻولي ۽ تاريخ سان ڳنڍيل آهن. نالي جي تبديلي تي ڪينيڊا جي اختيارين شديد ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. اونٽاريو جي وزيراعليٰ ڊگ فورڊ آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اها صورتحال ”انتهائي افسوسناڪ“ ۽ ”مخالف رخ ۾ وڃڻ“ برابر آهي. گوگل پنهنجي بلاگ ۾ ٻڌايو ته آمريڪا ۾ جاگرافيائي نالن جي تبديلي لاءِ وفاقي حڪومت جي سرڪاري ڊيٽا بيس” يو ايس جيوگرافڪ نيمز انفارميشن سسٽم“ کي بنياد بڻايو ويندو آهي. ان سبب آمريڪا ۾ گوگل ميپس استعمال ڪندڙن کي ”ليڪ آمريڪا“ “ ڪينيڊا ۾ ”ليڪ اونٽاريو“ جڏهن ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا کان ٻاهر موجود صارفين کي ٻئي نالا ڏسڻ ۾ ايندا. اهو تڪرار ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ واپاري ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي مصنوعات تي جوابي ٽيڪس لڳايا آهن.












