روس طرفان فوري حملي جو ڪو خطرو نظر نٿو اچي: نيٽو عهديدار

برسلز- 31 آگسٽ (اي پي پي) نيٽو چيو آهي ته روس يورپ ۾ پنهنجي هائبرڊ سرگرمين ۾ اضافو ڪري رهيو آهي، پر هن وقت آمريڪا جي قيادت هيٺ فوجي اتحاد کي ڪنهن قسم جي فوري حملي جو خطرو نظر نٿو اچي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه نيٽو جي هڪ عهديدار گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ چئي، هن چيو ته روس کي يوڪرين طرفان سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي …

برسلز- 31 آگسٽ (اي پي پي) نيٽو چيو آهي ته روس يورپ ۾ پنهنجي هائبرڊ سرگرمين ۾ اضافو ڪري رهيو آهي، پر هن وقت آمريڪا جي قيادت هيٺ فوجي اتحاد کي ڪنهن قسم جي فوري حملي جو خطرو نظر نٿو اچي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه نيٽو جي هڪ عهديدار گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ چئي، هن چيو ته روس کي يوڪرين طرفان سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ هو يورپ ۾ به هائبرڊ ڪارروائيون وڌائي رهيو آهي. هن چيو ته نيٽو مسلسل الرٽ ۽ خطرن کان واقف آهي، پر هن وقت ڪنهن فوري حملي جو خطرو ڏسڻ ۾ نٿو اچي. هن چيو ته نيٽو يوڪرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ پنهنجي هڪ بلين ماڻهن کي محفوظ رکڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيو آهي. واضع رهي ته پولينڊ جي وزيراعظم ڊونلڊ ٽسڪ ڇنڇر تي چيو هو ته پولينڊ ۽ نيٽو کي مختلف امڪاني حالتن لاءِ تيار رهڻ گهرجي.