اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملائيشيا جي 69هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملائيشيا جي حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. سُومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب ملائيشيا جي بادشاهه سلطان ابراهيم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري خط ۾ صدر چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا گڏيل قدرن، گڏيل عقيدي، گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي …
صدر پاران ملائيشيا جي 69هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملائيشيا جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملائيشيا جي 69هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملائيشيا جي حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. سُومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب ملائيشيا جي بادشاهه سلطان ابراهيم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري خط ۾ صدر چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا گڏيل قدرن، گڏيل عقيدي، گڏيل اعتماد ۽ تعاون جي بنياد تي ويجها ۽ دوستاڻا لاڳاپن رکن ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، دفاع، ثقافت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ مسلسل مضبوط ٿي رهيو آهي. صدر آصف علي زرداري ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعاون ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ وڌيڪ فروغ حاصل ڪندو. هن ملائيشيا جي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ملائيشيا جي عوام لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي تسلسل جي دعا پُڻ ڪئي.











