اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي صدر صادر نورگوزوئيوچ زاپاروف جي دعوت تي 31 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين ڪرغزستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. سومر ڏينهن پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ ڪرغزستان سان …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي صدر جي دعوت تي 31 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين ڪرغزستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي معاملن واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي صدر صادر نورگوزوئيوچ زاپاروف جي دعوت تي 31 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين ڪرغزستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. سومر ڏينهن پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ ڪرغزستان سان ٻطرفي ملاقاتون ۽ ٻين اهم سرگرمين ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وزير ڄام ڪمال خان، مواصلات وارو وزير عبدالعليم خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به گڏ هوندا. بشڪيڪ ۾ قيام دوران وزيراعظم شنگھائي تعاون تنظيم جي رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم 27- 2026ع جي لاءِ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) جي پاڪستان جي چيئرمين شپ پڻ سنڀاليندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاسن جي موقعي تي وزيراعظم شرڪت ڪندڙ ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيُون ملاقاتون پڻ ڪندو. وزيراعظم 31 آگسٽ تي ورلڊ نوميڊ گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. 2 سيپٽمبر تي وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر صادر زاپاروف سان پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي لاڳاپن جي سڀني رخن تي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪندو. ٻئي ڌريون پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جو مجموعي جائزو وٺنديون ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، علائقائي رابطي، تعليم، سياحت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ علائقائي گهڻ رخن فورمن تي تعاون جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ جمهوريه ڪرغزستان جي وچ ۾ گرمجوش ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل تاريخ، مذهبي ۽ ثقافتي وابستگي ۽ ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ امن، رابطي ۽ خوشحالي جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهن. وزيراعظم جو دورو تازن اعليٰ سطحي رابطن سان پيدا ٿيندڙ مثبت اڳڀرائي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، سياسي خير سگالي کي عملي ۽ موثر تعاون ۾ تبديل ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ پُراڻي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.











