اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف ۽ ڪرغزستان جي ڀائر عوام کي سندن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، پنهنجي مبارڪباد واري خط ۾ صدر چيو ته پاڪستان ڪرغزستان سان پنهنجن ويجهن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، …
صدر پاران ڪرغزستان جي صدر ۽ عوام کي سندن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف ۽ ڪرغزستان جي ڀائر عوام کي سندن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، پنهنجي مبارڪباد واري خط ۾ صدر چيو ته پاڪستان ڪرغزستان سان پنهنجن ويجهن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، جيڪي گڏيل تاريخ، ثقافتي ويجهڙائپ، گڏيل اعتماد ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي زرداري جولاءِ ۾ ڪرغزستان جي پنهنجي دوري جو حوالو ڏيندي ذڪر ڪيو ته ان دوري سان 1995ع ۾ ڪرغزستان جي سندس پهرين دوري جُون خوشگوار يادُون تازيُون ٿيُون ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو هڪ ٻيو قيمتي موقعو مليو. هن صدر صادر زاپاروف جي ڊسمبر 2025ع ۾ پاڪستان جي دوري جي خوشگوار لمحن کي به ياد ڪيو. صدر چيو ته ٻنهي موقعن تي ٿيندڙ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه سان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي گڏيل عزم جي هڪ ڀيرو ٻيهر توثيق ڪئي. صدر ان خوهش جو اظهار ڪيو ته هُو صدر آصف علي زرداري صادر زاپاروف جي صحت ۽ ڀلائي سان گڏ ڪرغزستان جي ڀائر عوام جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي تسلسل جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو پُڻ اظهار ڪيو.











