سينيٽ چيئرمين ڪمبوڊيا جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو

اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جو چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪمبوڊيا جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد وطن واپس پهچي ويو آهي. آچر ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب وطن واپسي تي سيد يوسف رضا گيلاني وقتي صدر جون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. واضح رهي ته صدر آصف علي زرداري جي وطن واپسي تائين سيد يوسف رضا گيلاني وقتي صدر جون آئيني ذميواريون ادا ڪندو.