نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاران ترڪيه جي يوم فتح جي 104 هين سالگره جي موقعي تي ترڪ قيادت، حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون

اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي يوم فتح جي 104هين سالگره جي موقعي تي ترڪيه جي قيادت، حڪومت ۽ برادر عوام کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي، ته اسان پنهنجن ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي ان تاريخي فتح جي خوشي ملهائيندا آهيون ۽ غازي مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ سميت ترڪيه جي آزادي واري جنگ جي سمورن هيروز …

اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي يوم فتح جي 104هين سالگره جي موقعي تي ترڪيه جي قيادت، حڪومت ۽ برادر عوام کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي، ته اسان پنهنجن ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي ان تاريخي فتح جي خوشي ملهائيندا آهيون ۽ غازي مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ سميت ترڪيه جي آزادي واري جنگ جي سمورن هيروز ۽ شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. آچر تي ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسان ترڪ قوم جي عزم، حوصلي ۽ ثابت قدمي جي لازوال جذبي کي سلام پيش ڪيون ٿا. پاڪستان ۽ ترڪيه گڏيل اعتماد، محبت ۽ ٻنهي قومن وچ ۾ گهري دلي وابستگي تي ٻڌل غير معمولي ڀائراڻي رشتي ۾ ٻڌل آهن. اسان جا ٻه طرفه لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ هڪ جامع ۽ گهڻ رخي شراڪتداري جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن. هن چيو ته الله ڪري پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ دوستي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو اهو لازوال رشتو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندو رهي.