اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي)حڪومت جي اثرائتي معاشي حڪمت عملي سبب قرضن جي وقت کان اڳ ادائگي ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اثرائتين مالياتي پاليسين سبب پاڪستان مالي نظم و ضبط ذريعي اقتصادي استحڪام جو نئون مثال قائم ڪري رهيو آهي، پاڪستان پاران وقت کان اڳ قرضن جي ادائگين جو مجموعي ڳاڻيٽو 6000 ارب روپين ويجهو پهچي ويو آهي. ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد مطابق …
حڪومت جي اثرائتي معاشي حڪمت عملي سبب قرضن جي وقت کان اڳ ادائگي ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل

مزید خبریں
اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي)حڪومت جي اثرائتي معاشي حڪمت عملي سبب قرضن جي وقت کان اڳ ادائگي ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اثرائتين مالياتي پاليسين سبب پاڪستان مالي نظم و ضبط ذريعي اقتصادي استحڪام جو نئون مثال قائم ڪري رهيو آهي، پاڪستان پاران وقت کان اڳ قرضن جي ادائگين جو مجموعي ڳاڻيٽو 6000 ارب روپين ويجهو پهچي ويو آهي. ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد مطابق پاڪستان هن وقت اٽڪل 5920 ارب روپين جو قرض مقرر وقت کان اڳ ادا ڪري چڪو آهي. پاڪستان وقت کان اڳ قرضن ادائگي ۾ آگسٽ 2025ع ۾ ڪيل 1133 ارب روپين جي رڪارڊ کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. ناڻي واري صلاحڪار چيو آهي ته مالي سال 26-2025ع ۾ مجموعي طور تي 2900 ارب روپين جو قرض مقرره وقت کان اڳ ادا ڪيو آهي. هن چيو ته مالي سال 27-2026ع ۾ هن وقت تائين وڌيڪ 1200 ارب روپين جو قرض مقرر وقت کان اڳ ادا ڪيو ويو آهي. خرم شهزاد چيو ته وقت کان اڳ ادائگين سان قرض جي مجموعي رقم ۽ ايندڙ سالن ۾ وڏين ادائگين جي دٻاءَ ۾ به گهٽتائي ايندي. هن چيو ته پاڪستان جي قرض مينجمينٽ هاڻي روائتي ادائگين کان اڳيان وڌي سرڪاري مالي پوزيشن مضبوط بڻائڻ جي رخ تي گامزن آهي.











