گڊو 747 ميگاواٽ پاور پلانٽ جي بحالي لاءِ چٽاڀيٽي واڪ طلب، بجلي جي پيداواري خرچ ۾ 4 روپيا 19 پئسا في يونٽ گهٽتائي، 297 ميگاواٽ اضافي صلاحيت متوقع

اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي) پاور ڊويزن جي مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ گڊو 747 ميگاواٽ پاور پلانٽ جي اسٽيم ٽربائن جي بحالي لاءِ عالمي چٽاڀيٽي واڪ طلب ڪيا ويا آهن. منصوبي جي پڄاڻي سان پلانٽ جي بجلي جي پيداواري خرچ ۾ 4 روپيا 19 پئسا في يونٽ گهٽتائي اميد آهي جنهن سان پيداواري خرچ 13 روپيا 87 پئسا في يونٽ مان گهٽ ٿي 9 روپيا 68 پئسا …

اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي) پاور ڊويزن جي مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ گڊو 747 ميگاواٽ پاور پلانٽ جي اسٽيم ٽربائن جي بحالي لاءِ عالمي چٽاڀيٽي واڪ طلب ڪيا ويا آهن. منصوبي جي پڄاڻي سان پلانٽ جي بجلي جي پيداواري خرچ ۾ 4 روپيا 19 پئسا في يونٽ گهٽتائي اميد آهي جنهن سان پيداواري خرچ 13 روپيا 87 پئسا في يونٽ مان گهٽ ٿي 9 روپيا 68 پئسا في يونٽ رهجي ويندو. منصوبي ذريعي 297 ميگاواٽ اضافي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت به بحال ٿيندي. آچر تي توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) طرفان جاري بيان مطابق جولاءِ 2022ع ۾ لڳل باهه کان پوءِ اسٽيم ٽربائين نمبر 16 ۽ سان ڳنڍيل جنريٽر هن وقت تائين بند آهن جنهن سبب پلانٽ هن وقت اوپن سائيڪل موڊ ۾ اٽڪل 450 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي. ان صورتحال ۾ پلانٽ ميرٽ آرڊر ۾ نسبتاً مهانگي بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽس ۾ 11 نمبر تي آهي. اسٽيم ٽربائن جي بحالي ۽ پلانٽ کي مڪمل ڪمبائينڊ سائيڪل آپريشن ۾ آڻڻ بعد ان جي پيداواري صلاحيت پنهنجي ڊزائن صلاحيت يعني 747 ميگاواٽ تائين پهچي ويندي. ان سان گڏ پلانٽ جي بجلي پيداواري خرچ ۾ نمايان گهٽتائي ايندي ۽ ميرٽ آرڊر م ان جي پوزيشن اٽڪل 7 نمبر تائين بهتر ٿيڻ جي اميد آهي. اهڙي طرح قومي نظام کي گهٽ خرچ بجلي جو هڪ وڏو اضافي ذريعو دستياب ٿيندو، جيڪو مهانگي ذريعن مان بجلي جي پيداوار جي ضرورت کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. تفصيلي فني مطالعي ۽ انجنيئرنگ جائزي کان پوءِ خراب ٿيل اسٽيم ٽربائن جي بحالي لاءِ خريداري جي عمل باقاعده طور شروع ڪيو ويو آهي. مرمتي مڪمن جي پڄاڻي ۽ پلانٽ جي بحالي جي لاءِ ڊسمبر 2028ع جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. تفصيلي جائزي بعد اسٽيم ٽربائين نمبر 16 ۽ لاڳاپيل اوزارن جي بحالي لاءِ عالمي چٽاڀيٽي واڪ طلب ڪيا ويا آهن جن لاءِ واڪ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 7 آڪٽوبر 2026ع مقرر ڪئي وئي آهي. اهو قدم گڊو پاور پلانٽ کي ان جي مڪمل صلاحيت کان ٻيهر فعال بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي. اضافي 297 ميگاواٽ پيداواري صلاحيت جي بحالي سان موجوده پيداوار ۾ اٽڪل 66 سيڪڙو اضافو ٿيندو جنهن سان پاڪستان پنهنجي موجوده پيداواري اثاثن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهندو.