اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته بندرگاهن کي روزگار، ٽيڪس محصولن، لاجسٽڪس، صنعتي سرگرمين ۽ واٽر فرنٽ جي نئين سر تخليق ذريعي بندرگاهي شهرن جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، بندرگاهون ۽ شهر تاريخي طور تي هڪ ٻئي سان جڙيل آهن ۽ ان رشتي کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. سامونڊي معاملن پاران جاري پڌرائي موجب …
بندرگاهون ۽ شهر تاريخي طور تي هڪ ٻئي سان جڙيل آهن ۽ ان رشتي کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي: سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته بندرگاهن کي روزگار، ٽيڪس محصولن، لاجسٽڪس، صنعتي سرگرمين ۽ واٽر فرنٽ جي نئين سر تخليق ذريعي بندرگاهي شهرن جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، بندرگاهون ۽ شهر تاريخي طور تي هڪ ٻئي سان جڙيل آهن ۽ ان رشتي کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. سامونڊي معاملن پاران جاري پڌرائي موجب هن چيو ته اقتصادي فائدا اڪثر بندرگاهي علائقن کان ٻاهر هوندا آهن پر ماحولياتي ۽ سماجي اثر اڪثر بندرگاهي شهرن تي پوندا آهن. شهري ترقي ۾ بندرگاهن جي ڪردار جي حوالي سان هن چيو ته بندرگاهون شهري اقتصادي ترقي جو محرڪ آهن. هن پسگردائي جي ڪميونٽيز کي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۾ بندرگاهن جو ڪردار بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پنهنجو 35 هون مفت طبي ڪيمپ ڀٽ آئي لينڊ ۾ منعقد ڪيو جنهن ۾ سامونڊي ڪناري وارين ڪميونٽيز ۾ طبي سار سنڀال تائين رسائي کي بهتر بڻائڻ وارن قدمن تحت 513 رهائشين کي صحت جي سار سنڀال جون خدمتون فراهم ڪيون ويون. ڪيمپ ۾ رپورٽ ٿيل 70 سيڪڙو ڪيس چمڙي جي بيمارين بابت هئا جڏهن ته ڪيمپ ۾ آيل مريضن ساهه ۽ معدي جي بيمارين جي پڻ شڪايت ڪئي. ڪجهه مريض هاءِ بلڊ پريشر سميت شگر ۽ ٻين موذي مرضن ۾ مبتلا هئا. هن ڪي پي ٽي تي زور ڀريو ته صحت جي ضروري خدمتن کي ڪميونٽيز جي ويجهو آڻڻ لاءِ اهڙا قدم جاري رکيا وڃن ۽ خاص طور تي ٻيٽن ۽ سامونڊي ڪناري وارن رهائشين کي طبي سهولت جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.











