نيپال ۾ تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ سبب 750ماڻهو فوت، 2498 ماڻهو گم، وڌيڪ ٻوڏ جو الرٽ جاري

کٽمنڊو -30 آگسٽ (اي پي پي) نيپال ۾ تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ سبب فوتگين جو انگ آچر تائين وڌي 750 ٿي ويو آهي، جڏهن ته گم ٿيل ماڻهن جو انگ 2498 تائين پهچي ويو آهي ۽ وڌيڪ ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا نيپال جي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي حوالي سان ٻڌايو ته متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ڪارروائيون پنجين ڏينهن به جاري آهن ۽ هن وقت تائين 3700 …

کٽمنڊو -30 آگسٽ (اي پي پي) نيپال ۾ تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ سبب فوتگين جو انگ آچر تائين وڌي 750 ٿي ويو آهي، جڏهن ته گم ٿيل ماڻهن جو انگ 2498 تائين پهچي ويو آهي ۽ وڌيڪ ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا نيپال جي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي حوالي سان ٻڌايو ته متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ڪارروائيون پنجين ڏينهن به جاري آهن ۽ هن وقت تائين 3700 کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. اختيارين مطابق ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب متاثر علائقن تائين پهچ هڪ وڏو چئلينج آهي. نيپال ۾ 18 هزار کان وڌيڪ امدادي ڪارڪن ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن جڏهن ته خراب موسم ۽ ڏکيا رستا امدادي سرگرمين ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن، اختيارين هيليڪاپٽرن ذريعي امداد پهچائڻ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڪثر هنڌن تي ريسڪيو لاءِ ڊرونز جي استعمال تي به غور ڪيو پيو وڃي. ٻوڏ ۾ وڏي انگ ۾ پرڏيهي شهري به متاثر ٿيا آهن. نيپال ٽوئرزم بورڊ موجب 261 پرڏيهي شهرين کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 320 پرڏيهي هن وقت تائين گم آهن، ريسڪيو ڪيل پرڏيهين ۾ 167 ڀارتي، 40 چيني، 8 يوڪريني، 4 جرمني، 4 مالٽا جا شهري ۽ 3 آمريڪي به شامل آهن.