اسلام آباد- 29 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 73 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو به 1 لک 73 هزار 600 ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 22 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 73 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو به 1 لک 73 هزار 600 ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 22 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 22 هزار 400 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 83 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 83 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 17 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 57 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 37 هزار 300 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال مطابق گڊو بئراج ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 49 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 13 هزار ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 33 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 80 هزار 400 ڪيوسڪ، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج ۾ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 58 هزار 400 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 15 هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.580 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1218.95فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.509 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











