ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران غير رجسٽرڊ موٽر سائيڪلون هلائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جون ھدايتون جاري

لاڙڪاڻو- 29 آگسٽ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان غير رجسٽرڊ موٽر سائيڪلون هلائيندڙن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪريڪ ڊائون جون ھدايتون جاري ڪيون آهن. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو شهرين کي بنا ڪنهن دير جي پنهنجون موٽرسائيڪلون رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ آخري تنبيهه ڪئي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته ضلعي جي سمورن داخلي، خارجي …

لاڙڪاڻو- 29 آگسٽ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان غير رجسٽرڊ موٽر سائيڪلون هلائيندڙن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪريڪ ڊائون جون ھدايتون جاري ڪيون آهن. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو شهرين کي بنا ڪنهن دير جي پنهنجون موٽرسائيڪلون رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ آخري تنبيهه ڪئي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته ضلعي جي سمورن داخلي، خارجي رستن ۽ ٻين حساس جڳهن تي سخت اسنيپ چيڪنگ جو سلسلو وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ۽ موٽرسائيڪلن جي ڪاغذن، رجسٽريشن ۽ نمبر پليٽن جي مڪمل جائزي کي يقيني بڻايو وڃي. هن واضح ڪيو ته غير رجسٽرڊ موٽرسائيڪلن جو استعمال نه صرف ٽريفڪ قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي پر ماضي ۾ اهڙيون گاڏيون مختلف ڏوهن ۾ پڻ استعمال ٿينديون رهيون آهن. هن سمورن ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو ته ڪنهن به شخص کي قانون کان مٿانهون نه سمجھيو وڃي، اسنيپ چيڪنگ دوران عام شهرين سان خوش اخلاقي ۽ احترام سان پيش اچڻ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. هن عام شهرين کي اپيل ڪئي ته هو ڪنهن به امڪاني قانوني پريشاني کان بچڻ لاءِ پنهنجي موٽرسائيڪل جي قانوني رجسٽريشن جلد مڪمل ڪرائين، درست ۽ قانوني نمبر پليٽ استعمال ڪن ۽ سفر دورانِ موٽرسائيڪل جا ضروري ڪاغذ هميشه پاڻ سان گڏ رکن.