اسلام آباد - 29 آگسٽ (اي پي پي) طالبان حڪومت ۾ افغان معيشت جي تباهي سبب عام شهري شديد معاشي بحران جو شڪار آهن. طالبان حڪومت جي ناقص اقتصادي پاليسين سبب افغانستان جو معاشي بحران هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳو. افغان ٿنڪ ٽينڪ افغانستان ايناليٽس نيٽ ورڪ طالبان حڪومت جي معاشي بهتري جي بلند دعوائن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. افغان ٿنڪ ٽينڪ افغانستان ايناليٽس نيٽ ورڪ …
طالبان حڪومت ۾ افغان معيشت جي تباهي، عام شهري شديد معاشي بحران جو شڪار
اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) طالبان حڪومت ۾ افغان معيشت جي تباهي سبب عام شهري شديد معاشي بحران جو شڪار آهن. طالبان حڪومت جي ناقص اقتصادي پاليسين سبب افغانستان جو معاشي بحران هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳو. افغان ٿنڪ ٽينڪ افغانستان ايناليٽس نيٽ ورڪ طالبان حڪومت جي معاشي بهتري جي بلند دعوائن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. افغان ٿنڪ ٽينڪ افغانستان ايناليٽس نيٽ ورڪ موجب طالبان پاران اقتدار تي قبضي بعد افغان معيشت زوال جو شڪار آهي ۽ ملڪ جي جي ڊي پي ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي. طالبان دور ۾ روزگار جو بحران سنگين آهي جڏهن ته ليبر مارڪيٽ عوام کي مناسب روزگار جو ذريعو ڏيڻ ۾ ناڪام آهي. گڏيل قومن جي اداري اوچا جي ترجمان اولگا چيرويڪو به افغانستان ۾ عوام جي بدترين معاشي حالت جي نشاندهي ڪري چڪي آهي. عالمي ادارن جي رپورٽن طالبان حڪومت جي نااهلي ۽ انتهاپسنداڻين پاليسين سبب بدترين معاشي حالت کي ثابت ڪري ٿي.












