واشنگٽن - 29 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پهرين آمريڪي اسپيس اڪيڊمي جي قيام جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هيوسٽن ۾ ناسا جي جانسن اسپيس سينٽر ۾ هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحيون ڪيون، جنهن تحت آمريڪا جي پهرين اسپيس اڪيڊمي جي قائم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي اسپيس فورس ۽ …
آمريڪي صدر اسپيس اڪيڊمي قائم ڪرڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحيون ڪري ڇڏيون
واشنگٽن – 29 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پهرين آمريڪي اسپيس اڪيڊمي جي قيام جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هيوسٽن ۾ ناسا جي جانسن اسپيس سينٽر ۾ هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحيون ڪيون، جنهن تحت آمريڪا جي پهرين اسپيس اڪيڊمي جي قائم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي اسپيس فورس ۽ نجي خلائي صنعت جي تيز رفتار ترقي ۽ چنڊ سميت ان کان ڪيترائي ڀيرا اڳتي تائين اسان جي وڌندڙ خلائي سرگرمين کي نظر ۾ رکندي اهو واضح آهي ته اسان جي ماهر فوجي اهلڪارن، انجنيئرز ۽ سول شعبي سان تعلق رکندڙ ماهرن جي هڪ پوري نسل کي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻي پوندي. ايگزيڪيوٽو آرڊر تحت ناسا جي منتظم جيرڊ آئزڪ مين کي آمريڪا جي اسپيس اڪيڊمي بابت نئين صدارتي ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويندو. ڪميشن کان توقع آهي ته هو ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحين جي 120 ڏينهن اندر صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندو.












