اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پمز سانحي ۾ فوت ٿي ويل معصوم ٻارن جي والدين کي وزيراعظم جي هدايت تي 50-50 لک رپين جا امدادي چيڪ ڏنا ويا آهن، جڏهن ته هي مالي امداد ڪنهن به صورت ۾ والدين جي ڏُک جو ازالو نٿي ڪري سگهي. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مان وزيراعظم …
پمز سانحي ۾ فوت ٿي ويل معصوم ٻارن جي والدين کي وزيراعظم جي هدايت تي 50-50 لک رپين جا امدادي چيڪ ڏنا ويا آهن: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پمز سانحي ۾ فوت ٿي ويل معصوم ٻارن جي والدين کي وزيراعظم جي هدايت تي 50-50 لک رپين جا امدادي چيڪ ڏنا ويا آهن، جڏهن ته هي مالي امداد ڪنهن به صورت ۾ والدين جي ڏُک جو ازالو نٿي ڪري سگهي. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مان وزيراعظم جي هدايت تي جمعي تي پمز سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جي والدين جي گهرن ڏانهن ويس، هن چيو ته اولاد جو ڏُک لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ناهي ۽ نه ئي ان جي نقصان جو ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو، اولاد کي وڃائڻ اهڙو ڏُک آهي جيڪو والدين سان سڄي زندگي رهي ٿو. هن چيو ته پمز سانحي ۾ معصوم گُلن جي وڇڙڻ جو درد ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نٿو ڪري سگهجي، اهي معصوم پنهنجي والدين جي اميد ۽ روشن مستقبل هئا، سندن وڇڙڻ وڏو سانحو آهي، مالي امداد ڏکويل ڪٽنبن سان حڪومت طرفان يڪجهتيءَ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪريان ٿو ته پمز واقعي ۾ جنهن جي به ڪوتاهي ثابت ٿي ان کي جوڳي سزا ڏني ويندي، الله تعاليٰ اسان سڀني کي پنهنجي آزمائشن ۽ سانحن کان محفوظ رکي.











