اسلام آباد - 28 آگسٽ (اي پي پي) وقتي صدر سردار اياز صادق بئريسٽر افتخار گيلاني کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ هن چيو ته بئريسٽر افتخار گيلاني جو بطور آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجڻ سندس قائداڻي صلاحيتن تي قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن جي اعتماد جو اظهار آهي. هن ان …
وقتي صدر سردار اياز صادق پاران بئريسٽر افتخار گيلاني کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وقتي صدر سردار اياز صادق بئريسٽر افتخار گيلاني کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ هن چيو ته بئريسٽر افتخار گيلاني جو بطور آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجڻ سندس قائداڻي صلاحيتن تي قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن جي اعتماد جو اظهار آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو نئون چونڊيل وزيراعظم پنهنجي سياسي بصيرت، قائداڻي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي رياست کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪندو. هن چيو ته وفاق آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي، خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ۽ تعاون جاري رکندو، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جمهوري عمل جو تسلسل ساراهه جوڳو آهي. وقتي صدر سردار اياز صادق آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم بئريسٽر افتخار گيلاني جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي.










