وزيراعظم پاران بئريسٽر افتخار گيلاني کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد

اسلام آباد - 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بئريسٽر افتخار گيلاني کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته هو آزاد ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي ڏينهن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آزاد ڪشمير ۾ مسلم …

اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بئريسٽر افتخار گيلاني کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته هو آزاد ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي ڏينهن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) جي فتح جو ڪريڊٽ پارٽي قيادت خاص طور تي ميان محمد نواز شريف ۽ پارٽي ڪارڪنن جي محنت کي وڃي ٿو. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ بهتر معيار زندگي جي لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون جاري رکندي. وزيراعظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جمهوري عمل جو تسلسل خوش آئنده آهي.