پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جون ملڪ جي 5 وڏين آئل ريفائرنرين جي انتظاميه سان ڌار ڌار ملاقاتون

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، ملڪ جي 5 وڏين آئل ريفائنرين، پاڪ عرب، ريفائنري لميٽيڊ، پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ (پي آر ايل)، نيشنل ريفائنري لميٽيڊ (اين آر ايل)، سائز جيڪو ۽ اٽڪ ريفائنري لميٽيڊ (اي آر ايل) جي انتظاميه سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ بران فيلڊ ريفائنري اپ گريڊيشن پاليسي تي عملدرآمد، ريفائنرين جي مالي ۽ آپريشنل ڪارڪردگي ۽ ملڪي توانائي …

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، ملڪ جي 5 وڏين آئل ريفائنرين، پاڪ عرب، ريفائنري لميٽيڊ، پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ (پي آر ايل)، نيشنل ريفائنري لميٽيڊ (اين آر ايل)، سائز جيڪو ۽ اٽڪ ريفائنري لميٽيڊ (اي آر ايل) جي انتظاميه سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ بران فيلڊ ريفائنري اپ گريڊيشن پاليسي تي عملدرآمد، ريفائنرين جي مالي ۽ آپريشنل ڪارڪردگي ۽ ملڪي توانائي جي تحفظ کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. سمورين پنج ريفائنرين جي انتظاميه ريفائنري اپ گريڊيشن پاليسي تحت معاهدن تي صحيحون ڪرڻ لاءِ پنهنجي آمادگي جو ورجاءُ ڪيو. معاهدن تي ايندڙ مهيني جي شروعات ۾ صحيحن جي اميد آهي، جن سان ملڪ جي ريفائننگ سيڪٽر ۾ اٽڪل 6 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري متوقع آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ريفائنرين جي جديدڪاري ملڪي ريفائننگ سيڪٽر جي ڊگهي مدي واري پائيداري لاءِ اڻٽر آهي. تجويز ڪيل اپ گريڊيشن کانپوءِ ريفائنريون پاڪستان ۾ يورو فائيو معيار جي پيٽروليم مصنوعات تيار ڪرڻ جي قابل ٿي وينديون جنهن سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي امپورٽ تي ڀاڙڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ امپورٽ وارين شين جي ڀيٽ ۾ قيمتن ۾ به گهٽتائي جو امڪان آهي. علي پرويز ملڪ معاهدن تي وقت سر صحيح کي اپ گريڊيشن پروگرام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته حڪومت پاليسي تي عملدرآمد بابت مسئلن جي حل ۾ ريفائنرين کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي رهندي. پاڪ عرب ريفائنري لميٽيڊ انتظاميه سان ملاقات دوران وفاقي وزير کي اداري جي مالي ۽ آپريشنل ڪارڪردگي ۽ ملڪي توانائي جي تحفظ لاءِ وسيع تر منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير آبنائي هرمز جي بحران دوران پارڪو طرفان موثر انداز ۾ آپريشنز جاري رکڻ کي ساراهيو. وفاقي وزير کي حب ۾ ڄاڻايل آئل سٽي جي حوالي سان اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو، منصوبي کي هڪ اسٽريٽجڪ انرجي ٽرمينل ۽ اسٽوريج ڪامپليڪس طور تيار ڪرڻ جي تجويز آهي، جنهن جو مقصد توانائي جي تحفظ کي مضبوط بڻائڻ، واپاري رابطا بهتر ڪرڻ، سپلائي جو تحفظ يقيني بڻائڻ ۽ معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ ۾ ٿيل ملاقات دوران مينيجنگ ڊائريڪٽر، بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ انتظاميه وفاقي وزير کي ڪمپني جي موجوده مالي ۽ آپريشنل ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو. سائز جيڪو، نيشنل ريفائنري لميٽيڊ ۽ اٽڪ ريفائنري لميٽيڊ جي انتظاميه سان ڌار ڌار ملاقاتن ۾ وفاقي وزير نئين ريفائنري اپ گريڊيشن پاليسي تي عملدرآمد ۾ درپيش رڪاوٽن بابت مينيجنگ ڊائريڪٽرز جا خيال معلوم ڪيا. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته پاڪستان جي ريفائننگ صلاحيت کي جديد بڻائڻ نه رڳو پيٽروليم مصنوعات جي معيار ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ ضروري آهي پر ملڪي سپلائي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، امپورٽ پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڀاڙڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ توانائي جي وسيع تر تحفظ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ به اهم آهي. هن چيو ته حڪومت ريفائننگ انڊسٽري سان گڏجي نئين ريفائنري اپ گريڊيشن پاليسي تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ ريفائننگ سيڪٽر جي جديدڪاري لاءِ گهربل سيڙپڪاري کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.