مڪاني چونڊن ۾ اميدوارن جي تعليمي قابليت بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون جعلي آهن: اليڪشن ڪميشن

لاهور-28 آگسٽ(اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مڪاني چونڊن ۾ اميدوارن جي تعليمي قابليت بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن کي رد ڪندي انهن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر پنجاب جي ترجمان موجب سوشل ميڊيا تي هڪ خبر گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران مبينه نوٽيفڪيشن جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته مڪاني چونڊن ۾ چيئرمين جي اميدوار لاءِ بي …

لاهور-28 آگسٽ(اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مڪاني چونڊن ۾ اميدوارن جي تعليمي قابليت بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن کي رد ڪندي انهن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر پنجاب جي ترجمان موجب سوشل ميڊيا تي هڪ خبر گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران مبينه نوٽيفڪيشن جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته مڪاني چونڊن ۾ چيئرمين جي اميدوار لاءِ بي اي، ڪائونسلر لاءِ انٽر ۽ ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ترجمان واضع ڪيو ته ڄاڻايل خبر يا ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪا به پوسٽ اليڪشن ڪميشن پاران  جاري نه ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ فراهم ڪيل معلومات غلط آهي. اليڪشن ڪميشن عوام ۽ امڪاني اميدوارن کي اپيل ڪئي آهي ته ان قسم جي خبرن تي يقين نه ڪيو وڃي جڏهن ته مڪاني چونڊن بابت معلومات صرف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سرڪاري ذريعن  کان حاصل ڪئي وڃي.