قومي اسيمبلي پاران پمز حادثي جي جاچ لاءِ خاص ڪميٽي قائم ڪرڻ جي رٿ منظور

اسلام آباد-28 آگسٽ(اي پي پي) قومي اسيمبلي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ( پمز) سانحي جي جاچ لاءِ خاص ڪميٽي قائم ڪرڻ واري رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ خاص ڪميٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏني، رٿ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جو چيئرمين سينٽ جي صلاح مشوري سان هڪ خاص پارلياماني ڪميٽي قائم …

اسلام آباد-28 آگسٽ(اي پي پي) قومي اسيمبلي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ( پمز) سانحي جي جاچ لاءِ خاص ڪميٽي قائم ڪرڻ واري رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ خاص ڪميٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏني، رٿ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جو چيئرمين سينٽ جي صلاح مشوري سان هڪ خاص پارلياماني ڪميٽي قائم ڪري جيڪا نه صرف پوري واقعي جي جاچ ڪري پر مستقبل ۾ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي حوالي سان تجويزون ۽ سفارشون پڻ تيار ڪري. اعظم نذير تارڙ ايوان کي ٻڌايو ته سينيٽ پڻ هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي، منهنجي اپوزيشن کي درخواست آهي ته انهن کي ڪميٽين ۾ اچڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم ان واقعي جي انڪوائري لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي جنهن ۾ پمز يا صحت واري وزارت جو ڪو به نمائندو شامل نه آهي. ٻي ڪميٽي پڻ ٺهي آهي، جنهن جو ان انڪوائري ڪميٽي سان ڪو تعلق نه آهي. اها ڪميٽي مشهور ڪارڊيالاجسٽ ڊاڪٽر اظهر ڪياني جي قيادت ۾ ٺهي آهي، اها ڪميٽي هڪ ورڪنگ پيپر تيار ڪري اسپتال جي بهتري لاءِ قدم تجويز ڪندي.