ڪراچي کان روهڙي تائين 480 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ جي اپ گريڊيشن هڪ اهم منصوبو آهي:سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-28 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي کان روهڙي تائين 480 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ جي اپ گريڊيشن هڪ اهم منصوبو آهي، پر سکر-حيدرآباد موٽر وي پڻ سنڌ لاءِ اوترو اهم منصوبو آهي، جنهن تي وفاقي حڪومت کي فوري طور تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.هڪ بيان ۾، هن چيو ته سنڌ جي وڏن شهرن ۽ صنعتي …

ڪراچي-28 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي کان روهڙي تائين 480 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ جي اپ گريڊيشن هڪ اهم منصوبو آهي، پر سکر-حيدرآباد موٽر وي پڻ سنڌ لاءِ اوترو اهم منصوبو آهي، جنهن تي وفاقي حڪومت کي فوري طور تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.هڪ بيان ۾، هن چيو ته سنڌ جي وڏن شهرن ۽ صنعتي ۽ واپاري مرڪزن وچ ۾ بهتر روڊ رابطو معاشي ترقي لاءِ اڻٽر آهي، جڏهن ته حيدرآباد-سکر موٽر وي ڪاروباري سرگرمين، سفري سهولتن ۽ واپاري رابطن ۾ بهتري لاءِ انتهائي اهميت وارو آھي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سکر-حيدرآباد موٽر وي جي مڪمل ٿيڻ سان نه رڳو سنڌ جي مختلف شھرن ۽ علائقن جي وچ ۾ سفري رابطا بهتر ٿيندا پر واپار، زراعت، صنعت ۽ روزگار جي موقعن کي بھ ھٿي ملندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي سنڌ جي اهم روڊ ۽ ريلوي منصوبن کي ھڪ جيتري اوليت ڏيڻ گهرجي، ريلوي ٽريڪ سان گڏ، سکر-حيدرآباد موٽر وي تي عملي اڳڀرائي پڻ ضروري آهي. سنڌ جا ماڻهو ڊگهي عرصي کان حيدرآباد-سکر موٽر وي جا منتظر آهن، تنهن ڪري منصوبي بابت صرف اعلانن بدران واضح ۽ عملي اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته وفاقي حڪومت کي حيدرآباد-سکر موٽر وي جي معاملي تي سنڌ جي ماڻهن کي هڪ واضح ٽائم لائن ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته وڏا روڊ منصوبا نه رڳو سفر جي سهولت جو ذريعو آهن پر روزگار، واپار، زراعت ۽ صنعت جي واڌاري ۾ پڻ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا.